خورشيد شاهه جي پٽ ۽ ٻن گهروارين کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم

جُون 22, 2023

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران نيب ريفرنس ۾ شامل وفاقي وزير خورشيد شاهه جي پٽ ۽ ٻن گهروارين کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايل پاسپورٽ واپس ڏيڻ لاءِ ايم پي اي فرخ شاهه، گلناز بيبي ۽ طلعت بيبي جي درخواست جي سنڌ هاءِڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس عمر سيال ۽ جسٽس جواد اڪبر سروانا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب ۽ ٻيا واسطيدار پيش ٿيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ايم پي اي فرخ شاهه سندس والده گلناز بيبي ۽ طلعت بيبي جا جمع ٿيل پاسپورٽ احتساب عدالت کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو واضح رهي ته نيب خورشيد شاهه. سندس پٽ ايم پي اي فرخ شاهه، ٻن گهروارين گلناز بيبي ۽ طلعت بيبي سوڌو 18 ڄڻن خلاف 1 ارب 23 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ڪيو ويو هو

Leave A Comment