خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ايف آءِ اي حوالي

خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ايف آءِ اي حوالي

سکر (بيورو رپورٽ) خورشيد شاهه ۽ ٻين مٿان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو معاملو. احتساب عدالت پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ٻين خلاف ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نيب جي استدعا تحت ڪيس ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه، ايم پي اي فرخ شاهه، زيرڪ شاهه سميت 18 ڄڻن خلاف نيب پاران داخل ڪيل آمدني کان اثاثا ٺاهڻ وارو محفوط ڪيل فيصلو احتساب عدالت جي جج غلام ياسين ڪولاچي ٻڌائي ڇڏيو آهي. 17 آڪٽوبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عدالت سيد خورشيد احمد  شاهه ۽ ٻين تي داخل ڪيل ريفرنس ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران سيد خورشيد شاهه جو فرزند زيرڪ شاهه، اُن جو وڪيل محفوظ اعواڻ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته سيد خورشيد شاهه ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس شاهه عدالت ۾ پيش نه ٿيا. نيب پاران عبوري ريفرنس هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جو داخل ڪيو ويو هو. نظر ثاني بعد ڪجهه ڏينهن اڳ نيب 19 ڪروڙ رپين جي ريفرنس متعلق عدالت کي آگاهي ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو هو ته ترميم هي ڪيس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي جوڳو ناهي. نيب عدالت کان استدعا ڪئي هئي ته ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. جڏهن ته سيد خورشيد شاهه جي وڪيلن عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته هي ڪيس ايف آءِ اي ۾ به ٻڌڻي جوڳو ناهي، يا ته ڪيس اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻيو وڃي يا خارج ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد 17 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. جنهن جو فيصلو ٻڌائيندي عدالت ڪيس ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.