خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: مڪمل رڪارڊ طلب

خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: مڪمل رڪارڊ طلب

سکر (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي اسپيشل ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، اسپيڪر سيد اويس شاهه  ۽ ٻين خلاف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو ڪيس جي ٻڌڻي. ايف آءِ اي جي عدالت نيب کان مڪمل رڪارڊ طلب ڪندي 6 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس شاهه، ايم پي اي فرخ شاهه پنهجي وڪيل محفوظ اعواڻ سميت پيش ٿيا، پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه بيماري سبب موڪل تي هئڻ ڪري پيش نه ٿي سگهيو. ڪيس جي ٻڌڻي ايف آءِ اي اسپيشل ڪورٽ جي جج عبدالرشيد شاهه ڪئي. نيب سکر نيب ترميمي آرڊيننس تحت ڪيس  19 ڪروڙ رپين جو ريفرنس هئڻ سبب ايف آءِ اي ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو