خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ايف آءِ اي ڪورٽ منتقل

خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ايف آءِ اي ڪورٽ منتقل

سکر (بيورو رپورٽ) اخورشيد شاهه جي وڪيل قربان ملاڻو جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت کانپوءِ ايف آءِ اي ڪورٽ به ڪيس نه ٿي ٻڌي سگهي، هي ڪيس صرف اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٻڌي سگهي ٿي. پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت سکر جي جج غلام ياسين ڪولاچي ڪئي. جنهن دوران پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، زيرڪ شاهه، ٺيڪيدار اڪرم پٺاڻ،  وڪيل قربان ملاڻو، محفوظ اعواڻ ۽ مڪيش ڪارڙا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران وڪيلن عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته نيب ترميمن کان پوءِ هي ڪيس هاڻي نيب عدالت جي دائري اختيار ۾ نٿو اچي، ڇو ته حتمي ريفرنس 19 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شروعاتي ضمني ريفرنس 1 ارب 23 ڪروڙ رپين جو هو. عدالت کان استدعا آهي ته ڪيس کي اينٽي ڪرپشن عدالت ڏانهن اماڻيو وڃي. جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر طرفان ڪيس کي ايف آءِ اي ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي. ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي دوران اسپيشل ايف آءِ اي ڪورٽ نامڪمل دستاويزن جي بنياد تي ڪيس واپس نيب عدالت ڏانهن موڪليو هو. احتساب عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس ٻيهر اسپيشل ايف آءِ اي ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.