اڄ جي زماني ۾ جيڪڏهن ڪنهن کان پڇجي ته ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ جي ڳولا ۾ آهي ته گهڻا چوندا ته خوشيءَ جي. پر جيڪڏهن ٿورو ويجهو وڃي ماڻهن جي زندگيءَ کي ڏسجي ته محسوس ٿيندو ته خوشيءَ جي ڳولا کان وڌيڪ ڏيکاءُ جي ڊوڙ هلي رهي آهي. هر ماڻهو چاهي ٿو ته ٻيا کيس ڪامياب، خوشحال ۽ خوش نظر اچن، ڀلي اندر ۾ هو بيچين، اڪيلو يا پريشان هجي. هاڻي سوال اهو آهي ته اسان واقعي خوش رهڻ چاهيون ٿا يا رڳو خوش ڏسڻ؟
ڪڏهن خوشي تمام سادي هوندي هئي. گهر ۾ سڀ گڏ ويهي ماني کائڻ، شام جو پاڙي ۾ ويهڪ ڪرڻ، دوستن سان کل ڀوڳ ڪرڻ يا ڪنهن جي خوشيءَ ۾ دل سان شريڪ ٿيڻ ئي وڏي خوشي هوندي هئي. ماڻهو پنهنجن احساسن کي جيئندا هئا، انهن کي ڏيکارڻ جي ضرورت نه هوندي هئي. اڄ حالتون بدلجي ويون آهن. هاڻي هر خوشيءَ سان گڏ هڪ تصوير، هڪ وڊيو ۽ ٻين کي ٻڌائڻ جي خواهش به شامل ٿي وئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن سفر تي وڃون ته پهريون خيال اهو ايندو آهي ته تصوير ڪڍجي، نه ته ماڻهن کي ڪيئن خبر پوندي ته اسان ڪٿي آهيون؟ جيڪڏهن ڪو نئون ڪپڙو پايون، نئين گاڏي وٺون يا سٺو کاڌو کائون ته به دل چوي ٿي ته ٻين تائين اها ڳالهه پهچڻ گهرجي.
اصل مسئلو اهو ناهي ته ماڻهو پنهنجي خوشي ٻين سان ونڊين ٿا. خوشي ورهائڻ ته سٺي ڳالهه آهي. مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن خوشيءَ جو معيار ماڻهن جي تعريف، پسنديدگي ۽ واکاڻ بڻجي وڃي. پوءِ ماڻهو اهو نه ڏسندو آهي ته هو پاڻ ڪيترو مطمئن آهي، پر اهو ڏسندو آهي ته ٻين کيس ڪيترو ساراهيو. اهڙي حالت ۾ انسان آهستي آهستي پنهنجي دل کان وڌيڪ ماڻهن جي نظرن جو قيدي بڻجي ويندو آهي.
اسان جي سماج ۾ به هاڻي هڪ عجيب مقابلو شروع ٿي ويو آهي. ڪنهن جي شادي هجي ته خرچ کان وڌيڪ ڌيان ان ڳالهه تي هوندو آهي ته ماڻهو ڇا چوندا. ڪنهن جو گهر ٺهي ته اهو به سوچيندو ته ٻين کان وڌيڪ سٺو هجي. ٻار جي پڙهائي هجي يا نوڪري، هر شيءِ کي ٻين سان ڀيٽيو وڃي ٿو. اها ڀيٽ ڪڏهن ختم نٿي ٿئي، ڇو ته هميشه ڪو نه ڪو اسان کان وڌيڪ مالدار، وڌيڪ مشهور يا وڌيڪ سهولتن وارو هوندو. جيڪڏهن خوشيءَ جو دارومدار ڀيٽ تي هوندو ته پوءِ سڪون شايد ڪڏهن به نصيب نه ٿيندو. پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪيترن ماڻهن جي زندگي به ان جو مثال آهي. ٻاهران ڏسجي ته سٺيون نوڪريون، صاف شهر، بهتر سهولتون ۽ آرامده زندگي نظر اچي ٿي. پر جڏهن انهن سان ويهي ڳالهايو وڃي ته خبر پوي ٿي ته ڪيترائي ماڻهو اندر ۾ اڪيلائي، ذهني دٻاءُ ۽ پنهنجن ماڻهن جي ياد سان وڙهي رهيا آهن. انهن جي تصويرن ۾ مرڪ هوندي آهي، پر دل ۾ خاموشي به هوندي آهي. اهو فرق اسان کي اهو سيکاري ٿو ته هر کل خوشيءَ جي نشاني نه هوندي آهي ۽ هر سادي زندگي ڏک واري به نه هوندي آهي. ساڳي ريت اسان جي پنهنجي سماج ۾ به ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي سادگيءَ سان زندگي گذارين ٿا، پر دل جو سڪون انهن وٽ گهڻو هوندو آهي. هو گهٽ وسيلن هوندي به مطمئن هوندا آهن، ڇو ته انهن جي خوشي ماڻهن جي تعريف تي نه، پر پنهنجن رشتن، ايمان، محنت ۽ دل جي اطمينان تي ٻڌل هوندي آهي. اهڙي خوشي شايد تصويرن ۾ گهٽ نظر اچي، پر زندگيءَ ۾ گهڻي محسوس ٿيندي آهي.
ٻارن تي به هن ماحول جو اثر پئجي رهيو آهي. هو ننڍپڻ کان ئي اهو ڏسي رهيا آهن ته ماڻهو اصل زندگيءَ کان وڌيڪ ڏيکاءُ کي اهميت ڏين ٿا. نتيجي ۾ هو به اهو سمجهڻ لڳن ٿا ته قيمتي شيون، مهانگا ڪپڙا يا ٻين کان مختلف نظر اچڻ ئي ڪاميابي آهي. جيڪڏهن اسان کين اهو نه سيکاريو ته انسان جي اصل قيمت سندس اخلاق، علم، محنت ۽ ڪردار ۾ آهي ته پوءِ ايندڙ نسل به انهيءَ بيڪار ڊوڙ جو حصو بڻجي ويندي. تعليمي ادارن، گهرن ۽ سماج کي به هن موضوع تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. اسان نوجوانن کي صرف روزگار يا تعليم نه، پر زندگيءَ جو سٺو مطلب به سيکارڻ گهرجي. جيڪڏهن انسان وٽ دولت هجي پر دل بيقرار هجي ته اها دولت کيس سڪون نٿي ڏئي سگهي. جيڪڏهن ماڻهو هر وقت ٻين کي خوش ڪرڻ ۾ لڳو رهي ته هو پنهنجي دل جي آواز کي وساري ويهندو.
اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته زندگيءَ ۾ هر شيءِ ڏيکارڻ ضروري ناهي. ڪجهه خوشيون اهڙيون به هونديون آهن جيڪي رڳو دل ۾ رکيون وڃن ته وڌيڪ خوبصورت لڳنديون آهن. ماءُ جي دعا، پيءُ جي شفقت، دوست جي سچي ساٿ، اولاد جي محبت يا ڪنهن ضرورتمند جي مدد ڪرڻ کان پوءِ جيڪو سڪون ملي ٿو، اهو ڪنهن تصوير يا تعريف جو محتاج ناهي. اها خوشي انسان جي اندر کي روشن ڪري ٿي. وقت اچي ويو آهي ته اسان پاڻ کان هڪ سادو سوال پڇون. اسان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون، اهو پنهنجي خوشيءَ لاءِ ڪري رهيا آهيون يا ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ؟ جيڪڏهن جواب ٻيو آهي ته پوءِ شايد اسان پنهنجي زندگيءَ جو اهم حصو اهڙي ڊوڙ ۾ وڃائي رهيا آهيون جنهن جي ڪا آخري منزل ئي ناهي. ڏيکاءُ جي دنيا ۾ هر ڏينهن نئون مقابلو پيدا ٿيندو، پر دل جي خوشيءَ جي دنيا ۾ هڪ سچو احساس ئي ڪافي هوندو.
زندگيءَ جي سڀ کان وڏي دولت اها ناهي ته ماڻهو اسان جي باري ۾ ڇا چون ٿا، پر اها آهي ته رات جو سمهڻ وقت اسان جي دل مطمئن هجي. اصل خوشي سادي زندگي، سچن رشتن، ايماندار محنت، سٺي ڪردار ۽ شڪرگذاريءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن انسان پنهنجي اندر سان صلح ڪري وٺندو آهي، تڏهن کيس ڪنهن ڏيکاءُ جي ضرورت نه رهندي آهي. ان ڏينهن هو ماڻهن جي نظرن لاءِ نه، پر پنهنجي دل جي سڪون لاءِ جيئڻ شروع ڪندو. شايد اها ئي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، ڇاڪاڻ تہ خوشي خريد نٿي ڪري سگهجي، نه ئي ڏيکاءُ سان حاصل ٿي سگهي ٿي. اها ته اندر جي اهڙي دولت آهي، جيڪا صرف انهن ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي، جيڪي پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ بدران پنهنجي زندگيءَ جي اصل معنيٰ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.