خوشين کي ماتم ۾ تبديل ڪندڙ ڀوتارڪو ڀوت ۽ رياستي ناڪامي

سنڌ ۾ مھر – جتوئي خوني تڪرار جو ڀوتارڪو ڀوت ڏينھون ڏينهن انساني حياتيون ڳڙڪائيندو وڃي. ھيستائين ھن تڪرار ۾ پنجاھ کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. ڪالھ شڪارپور ۾ قومي شاهراهه بائي پاس تي مھر برادريءَ جي ڄڃ جي گاڏيءَ تي ڏھن کان وڌيڪ ھٿياربندن فائرنگ ڪري گھوٽ، ان جي معصوم ڀاءُ سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ ۾ گھٽ جي امڙ سميت پنجن ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون به خبرون آھن. ڄڃ شڪارپور شهر کان جيڪب آباد وڃي رهي هئي.

سنڌ کي منظم رٿابنديءَ ۽ سازش ھيٺ بدامنيءَ جي تحت الثري` ۾ اڇلايو ويو آهي. ھتي قانون جي حڪمراني صرف ڪتابن ۽ تقريرن تائين محدود ٿي چڪي آهي، جڏهن ته عملي طور طاقت بندوق، ڏوهارين ۽ قبيلائي سردارن جي هٿ ۾ آهي. رياست جي عملداري، جيڪا هر مهذب سماج جي سڃاڻپ هوندي آهي، سنڌ مان ڄڻ ته موڪلائي وئي آهي. نتيجي ۾ عام ماڻهو خوف، بي يقيني ۽ بي يار و مددگاريءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. عام روڊ ته پري جي ڳالهه، شاهراهون به محفوظ نه آهن. ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ٽوليون شاھراھ بند ڪن ٿيون، مسافرن کي يرغمال بڻائين ٿيون، ڦرلٽ ڪن ٿيون ۽ جيڪڏهن مزاحمت ٿئي ته گوليون هلن ٿيون. بسن ۽ ڪوچز مان ماڻهن کي اجتماعي طرح اغوا ڪيو وڃي ٿو. ڏوهاري بي خوف آهن، ڇو ته کين خبر آهي ته نه پوليس وقت تي پهچندي، نه قانون سندن واھر ڪندو. ٻئي طرف قبيلائي دهشتگردي سنڌ جي سماج کي اندران کائي رهي آهي. پراڻيون دشمنيُون، اڄ به انساني جانيون ڳڙڪائي رهيون آهن. قبيلائي ڀوتار امن قائم ٿيڻ نٿا ڏين. انھن جي اڪثريت يا تہ سڌي طرح حڪومت جو حصو آهي يا وري اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن تائين رسائي رکي ٿي. انھن وٽ رياست جي عدالتن بدران بندوق ۽ بدلي جو قانون هلي ٿو.

شڪارپور ۾ پيش آيل ڪالھوڪي دل ڌوڏيندڙ واقعي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته رياست جي ڪيتري گرفت آھي.  ھتي مھر ـ جتوئي تڪرار ۾ گھڻا ماڻھو مارجي چڪا آهن. ان پراڻي دشمنيءَ جي بنياد تي شاديءَ جي ڄڃ تي فائرنگ ڪري گھٽ سميت ٽي ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن. شادي، جيڪا خوشي، اميد ۽ نئين زندگيءَ جي شروعات جي علامت هوندي آهي، ان کي سوڳ ۽ ماتم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. اهو ڪو جنگي محاذ نه هو، نه ئي ڪو هٿياربند مقابلو؛ اها هڪ ڄڃ هئي، جنهن تي گوليون وسايون ويون. ان کان وڌيڪ رياست جي ناڪاميءَ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو؟

اهي واقعا صرف خبرون نه آهن، اهي سوال آهن – سخت، تلخ ۽ بي رحم سوال. پوليس ڪٿي هئي؟ جڏهن پوليس امن نٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ ان نااھل نفريء کي عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي چٽي بڻائي ڇو پالجي؟ اهڙن تڪرارن کي وڌڻ کان اڳ ڇو نه روڪيو ويو؟ جيڪڏهن رياست پنهنجي شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت نٿي ڪري سگهي ته پوءِ حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪهڙي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي؟ سنڌ ۾ حڪمرانن جون ترجيحون واضح نظر اچن ٿيون: اقتدار، بيان بازي، ۽ الزام تراشي. قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ جيڪا سياسي همت، سڌارا ۽ بي رحم احتساب گهرجي، اهو ڪٿي به نظر نٿو اچي. ڏوهارين سان رعايت، انھن کي ريڊ ڪارپيٽ رسيپشن، سردارن سان سياسي مفاهمت، ۽ طاقتور طبقي لاءِ نرم رويو – اهي سڀ شيون گڏجي سنڌ کي هڪ اهڙي جهنگ ۾ تبديل ڪري رهيون آهن، جتي عام ماڻهو شڪار بڻيل آهي.

اسان اڳ به ھنن ئي ڪالمن ۾ اھو چوندا رهيا آهيون ته، ڏوھن جي راڪاس جو ساھ جنھن طوطي ۾ آهي، ان طوطي (ڀوتار) جو ڳاٽو مروڙڻ سان کي سنڌ ۾ امن  قائم ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ ڏوهه انھن ڀوتارن جي معيشت بڻيل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ جھيڙيندڙ ڌرين کي به ھٿيار ڪيو وڃي. ھٿيارن جي رسد ۽ رسائي بند ڪئي وڃي. ان سان گڏ شاهراهن کي محفوظ بڻائڻو پوندو، اغوا ڪندڙن خلاف بي رحم ڪارروائي ڪرڻي پوندي، جرڳن تي پابنديءَ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻو پوندو ۽ پوليس کي سياسي اثر کان آزاد ڪري حقيقي معنيٰ ۾ عوام جو محافظ بڻائڻو پوندو. نه ته هر شادي ماتم ۾ بدلجندي، هر سفر خوف جو سفر هوندو، ۽ هر سوال جو جواب ساڳيو رهندو: رياست ڪٿي آهي؟