خوشين کي نظر لڳي وئي: ڪراچي کان دڙي شادي ۾ آيل 2 ڀينرون  واهه ۾ ٻڏي فوت

خوشين کي نظر لڳي وئي: ڪراچي کان دڙي شادي ۾ آيل 2 ڀينرون  واهه ۾ ٻڏي فوت

دڙو(ن پ ا) دڙو ٻنون روڊ ڊڀو موري جي ڳوٺ حاجي صديق سومرو ۾ ڪراچي کان رشتيدارن جي شادي ۾ آيل ٻه ڀينر 10 سالن  جي نمره ۽ 12 سالن جي ندا ولد محبوب سومرو ٻارڙن سان گڏ ڳوٺ جي ڀر ۾  پراڻي پڃاري واه ۾ وهنجندي اونهي پاڻي ۾ هلي وڃڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويون جن کي وارثن ڳولا بعد سندن لاش هٿ ڪري ورتا ٻنهي ڀينرون جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار بڻجي ويو ٻنهي ڀينرن کي سندن اباڻي قبرستان ۾ مٽئ ماء حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته شادي واريون خوشيون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون. هر اک آلي نظر آئي.