خوني تڪرارن واري راڪاس جو ساھ ڀوتارڪي طوطي ۾ آهي

سنڌ ۾ خونريزي ۽ برادرين جي وچ ۾ برادري تڪرارن جو انت ايندي نظر نٿو اچي. ھڪ طرف ڌاڙيلن ذريعي اغوا انڊسٽري جي عروج تي پهچايو ويو آهي ته ٻئي طرف برادرين وچ ۾ تڪرار اڀاري قوم کي ورھائي ايڪي کي ھاڃو رسايو ويو آهي. توڙي جو رياست ڄاڻي ٿي ته خوني تڪرارن واري راڪاس جو ساھ ڀوتارڪي طوطي ۾ آهي، ۽ جيستائين ان طوطي جو ڳاٽو نٿو مروڙيو وڃي، تيستائين سنڌ ۾ امن جو امڪان پيدا ٿي نه سگھندو، پر اھو ادراڪ ھجڻ جي باوجود رياست ان طوطي کي ڪوسو واءُ لڳڻ نٿي ڏئي. جنھن جي ڪري ويڙھاند جو سلسلو بند ٿي نه سگهيو آهي، جنھن جو تازو مثال مهر- جتوئي تڪرار تان ڪچي واري علائقي آرائين بچاءُ ڀرسان ٻارڻ جي ڪاٺين لاءِ ويل 16 ورهين جي نينگر محمد صالح ڪٻرو مهر جو قتل آھي، جنھن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ھٿياربند خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪندي ھليا ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻي وريل ڪٻرو مهر جي زخمي ٿيڻ جون پڻ خبرون آهن. ھيستائين مهر- جتوئي تڪرار ۾ ٻن واٽهڙن سميت ٻنهي ڌرين جا 49 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. ٻنھي برادرين جي وچ ۾ خوني تڪرار جي خاتمي لاء 30 نومبر تي رکيل جرڳو ملتوي ٿي ويو ھو، جنھن کان پوءِ به 7 ماڻهو ان تڪرار ۾ مارجي ويا آھن.

سنڌي تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي حوالي سان هڪ قوم آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انھن جو ايڪو ۽ قومي يڪجهتي قبيلائي ڀوتارن جي هٿان يرغمال بڻيل آهي. اهي ئي سردار، جيڪي پاڻ کي قوم جا ھڏڏوکي سڏائين ٿا، دراصل سنڌي سماج کي ورهائڻ، ڪمزور ڪرڻ ۽ پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ مصروف آهن. انھن سردارن پنهنجي سياسي بالادستي قائم رکڻ لاءِ برادرين جي وچ ۾ نفرت، دشمني ۽ خوني تڪرار پيدا ڪيا آهن. هڪ برادري کي ٻي برادري خلاف ڀڙڪائڻ، بدلي جي باهه کي هٿي ڏيڻ ۽ معمولي واقعن کي وڏي جهيڙي ۾ تبديل ڪرڻ انهن جو هٿيار رهيو آهي. نتيجي طور بيگناهه ماڻهو ماريا وڃن ٿا، ڳوٺ اجڙي وڃن ٿا ۽ سڄو علائقو خوف ۽ عدم تحفظ جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. هن افراتفريءَ واري صورتحال مان فائدو هميشه سردارن کي ئي ملي ٿو، ڇو ته خوفزده برادري پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي سندن ڇانوَ ۾ رهڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. ڏاڍ ۽ جبر واري بالادست سماج ۾، اليڪشني سسٽم ۾ سياسي پارٽين وٽ اهي سردار “اليڪٽيبل” سمجھيا وڃن ٿا، جنھنڪري اھي رياست جي سرپرستي ماڻي وٺن ٿا. چونڊون هجن يا اقتدار جا ٻيا رستا، سندن اثر رسوخ سبب حڪمران طبقا هميشه انهن سان ٺاهه ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. رياستي ادارا، خاص ڪري پوليس کاتو، مڪمل طور تي سياسي ۽ ڀوتارڪي مداخلت جو شڪار ٿي چڪو آهي. پوليس آفيسرن جي مقرري اهليت ۽ ايمانداري بدران سردارن جي مرضيءَ سان ٿئي ٿي. جيڪو آفيسر سندن حڪم مڃي، اهو پسنديده، ۽ جيڪو قانون مطابق ڪم ڪرڻ چاهي، اهو بدلي يا سزا جو شڪار بڻجي ٿو. پوليس ۾ اهڙي سياسي مداخلت سڄي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. قانون جي بالادستي ختم ٿي وئي آهي ۽ انصاف جو تصور ڪمزور ٿي چڪو آهي. بدامنيءَ جو سڌو اثر سنڌ جي معيشت تي پيو آهي. ڪاروبار بند، واپار تباهه ۽ سيڙپڪاري ختم ٿي چڪي آهي. ماڻهو روزگار لاءِ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. زراعت، جيڪا سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، اھا به عدم تحفظ سبب سخت متاثر ٿي رهي آهي. زمينون غير آباد آھن. تعليم ۽ صحت جا شعبا به هن انتشار کان محفوظ ناهن.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم هن قبيلائي غلاميءَ کي سڃاڻي ۽ ان خلاف آواز اٿاري. سنڌ ڪنهن سردار يا ڀوتار جي جاگير ناهي، بلڪه اها هر سنڌي جي گڏيل ملڪيت آهي. قانون جي حڪمراني، پوليس جي غير جانبداري، تعليم ۽ صحت جي بحالي، ۽ قبيلائي سياست جي خاتمي کان سواءِ سنڌ ۾ امن ۽ ترقي ممڪن ناهي.