| “خوني تڪرار ختم ڪرايو” تنگواڻي ۾ شهري رستن تي نڪري آيا، مظاهرو، ڌرڻو |
تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران برادري تڪرارن جي خاتمي لاءِ ماشاءَ الله هوٽل کان ريلي ڪڍي وين ٽرمينل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،اڳواڻن ذريعت ساگر بجاراڻي،شاھنواز مرھيٽو،ڇوٽو خان جکراڻي، رحمدل لاشاري، لونگ آڪاش ۽ ٻين چيو ته ريلي ۾ چولياڻي برادري جي نياڻين پاران تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي پهتيون، چولياڻي برادري جي نينگرين سويرا خاتون ۽ اسرا خاتون چيو ته تڪرار ختم ڪرائي امن ڪرايو وڃي، بيگناهه خون وهايا پيا وڃن،اڳواڻن چيو ته برادري تڪرار سبب ڪشمور ضلعو تباهه ٿي ويو آهي، اسڪول ويران آهن، جھيڙندڙ ڌريون راضي آهن پر سردار فيصلن لاءِ وقت نه ٿا ڏين، هٿرادو برادري تڪرار ختم ڪري امن امان قائم ڪرايو وڃي.