خيبرپختونخوا ۾گورنر راڄ لڳائڻ تي غور، وڏو وزير منشيات اسمگل ڪندو آهي ڪم نٿو ڪري، صدر قدم کڻي سگهي ٿو: وفاقي حڪومت

خيبرپختونخوا ۾گورنر راڄ لڳائڻ تي غور، وڏو وزير منشيات اسمگل ڪندو آهي ڪم نٿو ڪري، صدر قدم کڻي سگهي ٿو: وفاقي حڪومت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ+ م ڊ) وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو، مملڪتي وزير به تصديق ڪري ڇڏي. فيصل ڪريم ڪنڊي کي گورنر راڄ برقرار رکڻ يا سندس جاءِ تي نئون گورنر آڻڻ جي تجويز تي به غور. متوقع نئين گورنر لاءِ ٽن اڳوڻن فوجي آفيسرن ۽ ٽن سياسي شخصيتن جا نالا سامهون اچي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو پيو وڃي. پهرين ڪوشش اها آهي ته صوبي کي خيبرپختونخواهه جي موجوده گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي حوالي ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سندس نالي تي ڪو اتفاق نه ٿيو ته پوءِ ٽن ٻين سياستدانن جا نالا غور هيٺ آهن، جن ۾ اڳوڻا وڏا وزير امير حيدر هوتي، پرويز خٽڪ ۽ آفتاب شيرپائو شامل آهن. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن سياستدانن جي نالن تي ڪو اتفاق نه ٿيو ته پوءِ اڳوڻن فوجي آفيسرن کي به خيبرپختونخواهه جي گورنر جون ذميواريون ڏئي سگهجن ٿيون. نئين گورنر لاءِ اڳوڻو ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد رباني، ليفٽيننٽ جنرل (ر) غيور محمود ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) طارق خان شامل آهن. ٻئي طرف وزيراعظم جي قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بيرسٽر عقيل ملڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي ڪي جي صورتحال، سيڪورٽي، بدامني جي ڪري اتي جي صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي، صوبي جو وڏووزير ڪم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، هو وفاق سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، سيڪورٽي معاملن تي به صلاح نه ڪئي ويندي آهي، ان صورتحال ۾ اتي گورنر راڄ يا ايمرجنسي لڳائڻ تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آئين جا 232 کان 237 تائين آرٽيڪل ايمرجنسي لڳائڻ بابت آهن، هن چيو ته ڪي پي جون حالتون گهرجائو آهن ته اهڙو ڪو قدم کنيو وڃي. ايمرجنسي لڳائڻ صدر جو ڪم آهي جيڪو وزيراعظم جي صلاح سان اهو قدم کڻندو. ان تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 234 تحت صدر پاڻ به گورنر راڄ لڳائي سگهي ٿو جنهن بعد ان کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪي پي صوبي جي عوام کي هن حال ۾ اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن الزام هنيو ته ڪي پي جو وڏووزير منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهي، هن خيبر ۾ پنهنجي زمين هجڻ کان انڪار ناهي ڪيو ان باري ۾ جاچ ڪري سگهجي ٿي. اهو ڏٺو وڃي ته ان زمين تي ڇا پوکيو پيو وڃي. هن چيو ته صدر آصف زرداري 2009ع ۾ پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳايو هو هن وقت به هو ئي صدر آهي. اهو سوچيو پيو وڃي ته ڪي پي جا حڪمران روڊ بلاڪ ڪندا آهن ان کي به روڪيو پيو وڃي. اهو سنجيدگي سان سوچيو پيو وڃي ته اتي جا مسئلا حل ٿين عوام جا ڪم ٿين. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن جو ڪي پي جو وزير اڊيالا ۾ ڌرڻو هڻي ويٺو آهي هو پنهنجي صوبي ۾ وڃي ڪم نه ٿو ڪري.