خيبر پختونخواهه جي نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري

فيبروري 15, 2024

آزاد ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه جي نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڊيرا اسماعيل خان جي ڊپٽي ڪمشنر کي علي امين جي گرفتاريءَ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو، ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور جي خلاف آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن ضابطن جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ٿيل آهي، علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري 28 فيبروري تي آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت، آزاد ڪشمير ۾ وڪيل راجا ذوالقرنين 2021 جي چونڊن دوران علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي

Leave A Comment