خيبر : پوليس ٿاڻي ويجهو آپگهاتي حملو، 4 اهلڪار شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

جُولاءِ 20, 2023

پشاور (پنهنجي ڊيسڪ) خيبر جي باڙا مارڪيٽ ۾ ٿاڻي ويجهو دهشتگردن جو آپگهاتي حملو ۽ فائرنگ، 4 پوليس اهلڪار شهيد، 10 ڄڻا زخمي، 2 دهشتگرد مارجي ويا

 آءِ جي خيبر پختونخواهه چيو آهي ته ٻن آپگهاتي بمبارن باڙا مارڪيٽ جي ڪمپائونڊ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي

دهشتگردن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران پوليس جا 2 جوان بهادر شير ۽ طيب شهيد ٿي ويا، هڪ بمبار مرڪزي گيٽ ۽ ٻئي بمبار عمارت پٺيان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي

پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ زخمي ٿيل 2 اهلڪارن به دم ڏنو

 ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي وقت پهرين ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هڪ ٻيو زوردار ڌماڪو به ٿيو، ڌماڪي سبب هڪ آفيس جي ڇت ڪري پئي

Leave A Comment