| خيراتي ادارن ۽ اين جي اوز جي نگراني لاءِ ڪميشن قائم |
ڪراچي: ڪابينا سڀني خيراتي ادارن، اين جي اوز ۽ اين پي اوز جي رجسٽريشن ۽ مالي نگراني لاءِ سنڌ چيرٽي ڪميشن جي قيام جي منظوري ڏني، سماجي ڀلائي وارو وزير ڪميشن جو چيئرپرسن ھوندو، جڏھن ته سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر پاران نامزد ڪيل 2 ايم پي ايز، سماجي ڀلائي، ناڻي ، صحت، گھرو کاتي، اسڪول ايجوڪيشن، عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي ، ۽ معذورن جي بحالي واري کاتي جا سيڪريٽريز ميمبر ھوندا، سرڪار 5 غير سرڪاري ميمبر نامزد ڪندي