ڪوئيٽا(پنهنجي ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت اين ايف سي ايورڊ جو مطالبو ڪندي وفاقي سرڪار کي ڌمڪي ڏني آهي ته اسانکي ڀت سان نه لڳايو وڃي ۽ نه ئي سخت رد عمل تي مجبور ڪيو وڃي
بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته اسان خيرات نه پر حق گهري رهيا آهيون، صوبي کي نئون اين ايف سي ايوارڊ آڻي حصو ڏنو وڃي
سندس چوڻ هو ته موجودا وفاقي حڪومت به بلوچستان سان واعدا نه نڀائڻ واري روايت برقرار رکي آهي، 30 جون تائين نه پي پي ايل جون بقايائون مليون نه ئي اين ايف سي جو پورو حصو مليو آهي
عبدالقدوس بزنجو چيو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار صوبي سان ٻه اکيائي وارو سلسلو برقرار رکيو ۽ بلوچستان کي پنهنجو حق نه ڏنو ويو ته پوءِ اسان سخت رد عمل ڏيڻ تي مجبور ٿي وينداسين