| خيرمحمد آريجا ۾ هوٽل جي بينچ تي ويهڻ تان جھيڙو، ڏنڊا ۽ چاقو هڻي نوجوان قتل: ڌرڻو |
باقراڻي (رپورٽ: لالا برڪت بلوچ) باقراڻي تعلقي جي يونيورسٽي ٿاڻي جي حد خير محمد آريجا شھر ۾ هوٽل جي بينچ تي ويهڻ واري معاملي تان آريجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران 32 ورهين جو نوجوان رياض حسين ولد غلام نبي آريجو، ڪامران ولد غلام عمر آريجو ڏنڊا ۽ چاقون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ نوجوان رياض حسين آريجو دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته واقعي خلاف مقتول جي وارثن پاران آريجا باءِ پاس وٽ لاڙڪاڻو موهن جو دڙو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، پ پ اڳواڻ محمد علي عرف امر خان ٻگھيو ،آريجا ٽائون ڪاميٽي چيئرمين محسن علي آريجو سميت سياسي سماجي اڳواڻ لڳل ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان يڪجهتي طور جو اظهار ڪيو، مقتول جي وارثن والد غلام نبي آريجو، ڀاءُ اعجاز علي آريجو، نواز آريجو، غلام عمر آريجو، وريام آريجو ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان رياض حسين آريجو کي معمولي ڳالهه تان بيدرديءَ سان قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، پوليس بااثر جوابدارن جي واهنگار وهندي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
| 2 جوابدار پڪڙي پوليس کي ڏنا، گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي: وارث |
باقراڻي: مقتول جي والد غلام نبي آريجو، ڀاءُ اعجاز علي آريجو، نواز آريجو، غلام عمر آريجو، وريام آريجو ۽ ٻين چيو ته اسان پنهنجي هٿن سان ڪيس ۾ گهربل جوابدار خادم آريجو ۽ هڪ عيوضي غلام مرتضيٰ آريجو کي پڪڙي يونيورسٽي پوليس حوالي ڪيو آهي پر جوابدارن جي گرفتاري ظاهر نه ٿئي ڪري، اسان کي شڪ آهي ته پوليس پڪڙي بااثر جوابدارن کي رشوت وٺي ڇڏي ڏيندي.
نوجوان جي آلين اکين سان تدفين: 4جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل
باقراڻي: مقتول نوجوان رياض آريجو جي والد غلام نبي آريجو جي فرياد تي يونيورسٽي ٿاڻي تي گناھ نمبر 6/2026 ڏوھ قلم 302,114,504,34 پي پي سي تحت جوابدار سعيد آريجو، سجاد آريجو، خادم آريجو ۽ هڪ نامعلوم سميت 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻي طرف نوجوان رياض حسين آريجو جو مڙهه جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سوڳوار وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: پوليس
باقراڻي: ايس ايچ او يونيورسٽي ممتاز سيال ٻڌايو ته مقتول نوجوان جي والد جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون جاري آهن.