| خيرپور، گمبٽ، سڳيون ۽ ڀرپاسي منڪي ۽ چڪن پاڪس جا 50 شڪي ڪيس ظاهر: هنگامي اپاءَ |
سکر/سڳيون/گمبٽ (بيورو رپورٽ + ن پ ا) خيرپور، گمبٽ، سڳيون ۽ ڀرپاسي ٻارڙن ۾ منڪي پاڪس، چڪن پاڪس ۽ ٻين چمڙي جي بيمارين جا، 50 شڪي ڪيس ظاهر، سکر ڊويزن ۾ ٽيسٽ جي سهولت ئي ناهي. جڏهن ته سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ بيماري کان بچاءَ لاءِ هنگامي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور جو دورو ڪيو جتي هن ڊي سي آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم جو به تفصيلي معائنو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف احمد چاچڙ ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايچ او) خيرپور ڊاڪٽر برڪت ڪانهر ضلعي ۾ ارڙي، چڪن پاڪس ۽ ٻين چمڙي جي بيمارين جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ضلعي ۾ دوائن ۽ ويڪسين جي وافر مقدار موجود آهي ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي.اسپتالن ۾ بروقت آئسوليشن وارڊ قائم ڪيو ويوآهي. هوڏانهن سکر ضلعي ۾ به ننڍڙن ٻارڙن کي چمڙي جي بيماري کان بچائڻ لاءِ هنگامي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ اهم اجلاس ڊي سي آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ماجد علي ماڪو جي صدارت هيٺ ٿيو. ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. ضلعي سميت يونين ڪائونسلن ۾ فوميگيشن واري مهم شروع ڪئي ويندي، ڊي ايچ او علي گل شاهه ٻڌايو ته اها بيماري جانورن کان انسانن ۽ انسانن کان جانورن ۾ منتقل ٿيندي آهي، جڏهن ته هي بيماري ٻارڙن ۾ تيزي سان ڦهلجي رهي آهي ان لاءِ ترت اپائن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو ويندو. هوڏانهن سڳيون ۾ چمڙيءَ جي بيماري جا ڪيس ظاھر ٿيڻ لڳا، ڳوٺ سيد وريل شاهه جي رهواسي رٽائرڊ پوليس اهلڪار سيد امام شاھه جي ستن سالن جي پٽ سيد وحيد شاھه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٽن چئن مهينن کان سڳيون جي پي پي ايچ آءِ اسپتال ۾ علاج لاءِ ويس جتي هنن عام بخار جون دوائون ڏئي واپس ڪري ڇڏيو، علاج صحيح نه ٿيڻ سبب بابا امام شاهه سميت منهنجي ننڍڙن ڀائرن سميت سموري خاندان کي ھي چمڙي جي خطرناڪ بيماري وڪوڙي وئي آهي، هن چيو ته ٻيا به ڪيترائي مريض آهن. پي پي ايچ آءِ اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر بخش علي سهتو چيو ته جلد چمڙي جي بيمارين لاءِ سڳيون ۾ هڪ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري متاثر مريضن کي بهترين علاج فراهم ڪيو ويندو. ٻئي طرف گمبٽ گمس سٽي اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ منڪي پاڪس ۽ چڪن پاڪس بيمارين لاءِ ڌار ڌار آئيسوليشن وارڊ کوليا ويا، منڪي پاڪس جا ٻه شڪي ٻار داخل ڪيا ويا آهن ۽ 4 ٻار علاج بعد گھر موڪليا ويا. ان سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر بختيار ڀنڀرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي خيرپور ميرس ۾ چڪن پاڪس ۽ منڪي پاڪس جا 48 شڪي مريض خيرپور ۽ گمبٽ جي اسپتالن ۾ ٻار داخل ڪيا ويا آهن. گمبٽ جي اسپتال ۾ 4 ٻار علاج بعد صحتياب ٿي گھر روانا ٿي ويا. گمبٽ ۾ ٻن شڪي ٻارن جو علاج هلندڙ آهي. باقي ٻارن جو علاج خيرپور ۾ هلندڙ آهي. ڪجھه ٻارن جو ايميونٽي سسٽم ڪمزور هئڻ ڪري فوت ٿي چڪا آهن. والدين کي به خيال رکڻ گهرجي، ٻارڙن کي پاڻي وارا داڻا ٿين ته جلد ڊاڪٽرن سان رابطو ڪن، اهي منڪي پاڪس جا ڪيس ٿي سگهن ٿا، جن جي آغا خان مان ٽيسٽ بعد ايس اوپيز تحت بهتر علاج ڪري زندگي بچائي سگھجي ٿي. ياد رهي ته منڪي پاڪس ۽ چڪن پاڪس بيماريون ٻارڙن ۾ عام ٿيڻ بعد به سکر ڊويزن ۾ ٽيسٽ جي سهولت نه هئڻ ڪري مريض سخت پريشان ٿين ٿا ۽ پرائيويٽ ٽيسٽون ڪرائڻ تي مجبور ٿين ٿا.
| قاضي احمد: اُرڙي وگهي معصوم ٻالڪ فوت: انگ 2 ٿي ويو |
قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۽ ڀرپاسي ۾ اُرڙي وگهي معصوم ٻالڪ فوت، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو، ان ڏس ۾ قاضي احمد جي شاھنواز انڙ ڪالوني ۾ ارڙي وگهي ھڪ سال جو معصوم ٻالڪ ارشاد ملاح فوت ٿي ويو، انهي کان اڳ ارڙي وگھي ڳوٺ انجمن ۾ ڏيڍ سال جو ٻالڪ اشتياق علي سيال پڻ زندگي جي بازي هارائي ويٺو هو، جڏھن ته معصوم نياڻي فرحانه سيال پڻ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھي آھي، شهرين مطالبو ڪيو آهي ٻارڙن کي ارڙي کان بچاءُ جا ٽڪا لڳايا وڃن
ٻارن جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن جون ٽيمون قائم: آگاهي مهم شروع
خيرپور/سکر: ڊي ايچ او ڊاڪٽر برڪت علي ڪانهر چيو آهي ته ضلعي جي اٺن ئي تعلقن ۾ ٻارن جي بهتر علاج لاءِ سينيئر ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيمون جوڙيون ويون آهن، ڊي ايڇ او مطابق پنجن سالن تائين جي ٻارن ۾ هي بيماري وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته بيماري جي خاتمي لاءِ تڪڙا قدم کنيا ويا آهن ٻارن ۾ اهڙي بيماري جون علامتون ظاهر ٿين ته فوري طور انهن کي ٻين کان الڳ رکيو وڃي. هوڏانهن ڪمشنر سکر ڊويزن جي هدايتن تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي وئي آهي، طبي ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن ٻارن يا وڏن ۾ بخار، داڻا (عام طور تي منهن، هٿن ۽ پيرن تي)، ڳلي، مٿي ۽ لڱن ۾ سور ۽ شديد ڪمزوري جهڙيون علامتون محسوس ٿين ته بيماري جي فوري علاج لاءِ ويجھي صحت مرڪز سان رابطو ڪيو وڃي.
منڪي پاڪس نه پر اسڪن ليئر وائرل انفيڪشن آهي: ڊي ايچ او خيرپور
خيرپور: خيرپور ضلعي ۾ ٻارن ۾ ڦهليل بيماري بابت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر خيرپور ڊاڪٽر برڪت علي پريس ڪانفرنس دوران وضاحت ڪئي آهي ته اها بيماري منڪي پاڪس نه پر اسڪن ليئر وائرل انفيڪشن آهي. ڊي ايچ او موجب اڳ ۾ فوت ٿيل ست ٻار جنوري ۽ آخري ٻار مارچ مهيني ۾ فوت ٿيو هو، جڏهن ته تازو ڏينهن ۾ فوتگين بابت هلندڙ خبرون بي بنياد آهن. هن چيو ته موجوده صورتحال مڪمل طور ڪنٽرول هيٺ آهي ۽ ڪجهه عنصر عوام ۾ غلط افواهه ڦهلائي رهيا آهن، هن چيو ته ٻارن جي فوتگين کانپوءِ ضلعي ۾ ٻه آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ هڪ پي ايم سي اسپتال خيرپور ۽ ٻيو گمس اسپتال گمبٽ ۾ شامل آهي.