خيرپور جيل ۾ قيدين جا ٺٺ: قتل ڪيس جي قيدي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي ورتي

خيرپور جيل ۾ قيدين جا ٺٺ: قتل ڪيس جي قيدي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي ورتي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس جي اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ سينٽرل جيل خيرپور ۾ قيد جوابدارن ثقلين شاهه ۽ فرهاد راجپوت جي ٽڪ ٽاڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، سماجي حلقن ۾ نئون بحث شروع ٿي ويو. ذريعن موجب جوابدار آءِ ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ۽ لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ واري ڪيس ۾ نامزد آهن. بلاول وساڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي خيرپور ضلعي جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي حاجي نواب خان وساڻ جو ڀائيجو هو. جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته جوابدار پيرول تي آزاد هئا، جڏهن ته وڊيو ۾ استعمال ٿيل پوليس موبائل ضلعي پوليس خيرپور جي ٻڌائي پئي وڃي. ان معاملي تي سوال اٿيا آهن ته ڇا ضلعي پوليس اهڙي سنگين ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي غيرمعمولي رعايتون ۽ پروٽوڪول فراهم ڪيو؟شهرين ۽ سول سوسائٽي طرفان سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي، جتي چيو پيو وڃي ته ساڳئي ضلعي جي اي ايس آءِ جي شهادت ۾ ملوث جوابدارن کي اهڙي کلي ڇوٽ ڏيڻ سان قانون جي بالادستي تي سوال اٿن ٿا. عوام جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن قاتلن کي اهڙي نموني عزت ۽ پروٽوڪول ڏنو ويندو ته سماج ۾ غلط پيغام ويندو. ٻئي طرف سياسي ۽ سماجي حلقن پاران مطالبو ڪيو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي خيرپور ضلعي جو صدر نواب خان وساڻ پاڻ ان معاملي جو نوٽيس وٺي وضاحت ڪرائي ته سندن حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا ۾ اهڙي غفلت يا رعايت ڇو ڏني وئي. وائرل وڊيو کان پوءِ ضلعي پوليس ۽ اعليٰ اختيارين کان سرڪاري وضاحت جو انتظار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي.