خيرپور جي خانگي ادارن ۾ ڀرتين جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور جي خانگي ادارن ۾ ڀرتين جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور(رپورٽر) هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت خانگي ادارا، بينڪون ۽ آئل ڪمپنيون گريڊ 1 کان 4 تائين معذورن جي ڀرتي بابت لکت واري رپورٽ جمع ڪرائينديون، ته جيئن اها رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ اجلاس ڊي سي آفيس خيرپور جي سچل سرمست هال ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شارخ مڱڻهار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ کجور منڊي خيرپور جي صدر چوڌري بشير آرائين، الائيڊ بينڪ جي مينيجر سيد محمد عباس شاهه، يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان (نارا)، شوگر ملز، سونهري بينڪ، بينڪ اسلامي، يونائيٽيڊ بينڪ سميت خيرپور جي سمورين بينڪن جي مينيجرن شرڪت ڪئي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شارخ منڱڻهار چيو ته هاءِ ڪورٽ طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته خانگي ادارن ۽ بينڪن ۾ گريڊ 1 کان 4 تائين معذورن جي نوڪرين لاءِ ڀرتي کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي انتظاميه طرفان ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سمورا ادارا خالي جاين، ڀرتي جي ميڪنزم ۽ لاڳاپيل تفصيلن تي ٻڌل لکت واري رپورٽ جمع ڪرائن ته جيئن اها هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري سگهجي.