خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت پيرڳوٺ ٿاڻي جي پوليس هٿان ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت گرفتار
ٿيل جوابدار ممتاز علي ولد شمس الدين عرف شمن ٻپڙ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس 9 سال قيد ۽ 40 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو.
ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار ٽي مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.