خيرپور جي چيئرميني شيراز راڄپر کان کسجي وئي، سندس ڀاءُ نامزد

جُون 11, 2023

فيض گنج(ن پ ا) پيپلز پارٽي قيادت پاران ضلع خيرپور لاءِ نامزد ڪيل چيئر مين اميدوار شيراز شوڪت راڄپر جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي.

سندس جاءِ تي  ضلعي چيئر مين لاءِ سندس ڀاءُ نادر شوڪت راڄپر کي نامزدڪيو ويو آهي.

فيض گنج  ضلع چئيرمين جو نالو تبديل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي پوسٽ وائرل ٿي ويون

ذريعن موجب فيض گنج  شيراز شوڪت راڄپر کي پي ايس 29 تي ايم پي اي جي ٽڪيٽ ڏني ويندي جنهن بعد سندس ڀاءُ کي ضلع چئير مين لاء نامزد ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment