خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ سول اسپتال انتظاميا جي بي حسي، انتظاميا 3 اڻڄاتل ماڻهن جا مليل لاش گذريل ٽن ڏينهن کان سردخاني مان ڪڍي ٻاهر اسٽريچرن تي رکي ڇڏيا، بدبو پکڙجي وئي
ان ڏس ۾ اسڪائوٽ گروپ جي اڳواڻن دانهيندي ٻڌايو ته گذريل ٽن ڏينهن کان سول اسپتال انتظاميا اڻ ڄاتل ماڻهن جا مليل لاش سرد خاني مان ڪڍي ٻاهر اسٽريچرن تي رکي ڇڏيا آهن جنهن ڪري ڀرپاسي سخت بدبو پکڙجي وئي آهي ۽ لاشن ۾ جيت پئجي ويا آهن
هنن چيو ته لاشن جي حالت خراب ٿي وڃڻ سبب اسان کي انهن جي تدفين ۾ سخت ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو
ٻئي پاسي سول اسپتال انتظاميا موجب ته سرد خاني جي مشين خراب هئڻ ڪري مجبوري جي بنياد تي لاشن کي سردخاني مان ڪڍي ٻاهر رکيو ويو آهي
هوڏانهن اسڪائوٽ گروپ طرفان انجمن تاجران خيرپور جي تعاون سان ٽنهي لاوارث لاشن کي خانڻ شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويو