خيرپور ضلعي ۾ اٽي جي امڪاني بحران جو خدشو: سستي اٽي جا اسٽال لڳائڻ جو فيصلو

خيرپور (رپورٽر) ضلعي ۾ اٽي جي بحران تي ضابطي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ۽ آٽا چڪي مالڪن طرفان خميس ڏينهن کان 105 رپيا في ڪلو جي حساب سان سستو اٽو وڪرو ڪرڻ لاءِ ضلعي جي اٺن ئي تعلقن ۾ اسٽال لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ اجلاس ڊي سي آفيس خيرپور جي سچل سرمست هال ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رياض حسين شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ فوڊ کاتي پاران آٽا چڪين ۽ فلور ملز کي جاري ڪيل ڪڻڪ، اٽي جي ريٽن، سپلاءِ ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي جي اٺن ئي تعلقن ۾ 105 رپيا في ڪلو جي حساب سان سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا.