خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ضلعي جي ٽن قومي ۽ 6 صوبائي تڪن تي بيٺل اميدوارن طرفان هلايل چونڊ مهم بابت ورتل جائزي دوران تمام دلچسپ صورتحال نظر آئي آهي
ان سلسلي ۾ پ پ طرفان ووٽرن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جلسو منعقد ڪرائي ووٽرن کي قائل ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا پر ان جي ڀيٽ ۾ جي ڊي اي، جي يو آءِ، جماعت اسلامي جي اميدوارن طرفان پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت ذريعي جلسا ڪرائي چونڊ مهم نه هلائي وئي آهي پر تنهن باوجود خيرپور ضلعي جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي هن ڀيري ڪجهه اپ سيٽ ٿيڻ جا امڪان آهن
خيرپور جو قومي تڪ 202 ۽ صوبائي تڪ 26 ۽ 27 روايتي طور پ پ اميدوارن لاءِ آسان هدف ثابت ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته پ پ اميدوارن سامهون بيٺل اميدوارن طرفان ووٽرن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ جلسا توڙي ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺائڻ وارو عمل سست رهيو آهي پر پوءِ به قومي تڪ اين اي 202 تي ڊاڪٽر نفيسه شاهه کي جي ڊي اي ۽ ٻين اتحادي پارٽين جو گڏيل اميدوار سيد غوث علي شاهه ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿو
صوبائي تڪ پي ايس 26 تي پ پ اميدوار سيد قائم علي شاهه سامهون بيٺل جي ڊي اي اميدوار حاجي امام بخش ڦلپوٽو جنهن کي مسلم ليگ (ن) جي حمايت پڻ حاصل آهي، اُنهيءَ طرفان ڀرپور عوامي چونڊ مهم نه هلائڻ ڪري اُهو قائم علي شاهه لاءِ آسان هدف بڻيل آهي
ان جو هڪ رخ اهو پڻ نظر اچي رهيو آهي ته خيرپور تعلقي ۾ ڦلپوٽا برادري جو هزارن ۾ ووٽ رجسٽرڊ آهي پر ڦلپوٽا برادريءَ جو امير طبقو قائم علي شاهه جي کليل حمايت ۾ لٿل آهي جڏهن ته ڦلپوٽا برادريءَ جو هيٺيون طبقو ڪنهن قدر امام بخش ڦلپوٽي جي حمايت ۾ سرگرم نظر اچي ٿو
صوبائي تڪ 27 تي پ پ اميدوار هالار وساڻ کي سامهون بيٺل جي يو آءِ اميدوار محمد شريف ٻرڙو مان نه ڪا لهر نه لوڏو واري چوڻي درست ثابت ٿيندي نظر اچي پئي، ڪوٽڏيجي واري صوبائي تڪ پي ايس 27 تي اڳوڻي رياست خيرپور جا والي ٽالپور خاندان جي چڱن پراسرار خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي جيڪي کليل طور جي يو آءِ اميدوار محمد شريف ٻرڙو جي حمايت نه پيا ڪن ۽ نه ئي وري پ پ اميدوار هالار خان وساڻ جي مخالفت ۾ کُلي ڪري سامهون آيا آهن
2024 دوران ٿيندڙ چونڊن جي ڀيٽ ۾ 2013 ۽ 2018 ۾ ٿيل چونڊن دوران ٽالپور خاندان مسلم ليگ فنڪشنل سان منسلڪ هئڻ ڪري پ پ اميدوارن لاءِ مٿي جو سُور بڻيل هوندو هو، اهي ڳالهيون پڻ آهن ته ٽالپر خاندان جي اثر رسوخ هلائڻ سبب 10 کان 15 هزار ووٽ ڪنهن به اميدوار جي سوڀ ۾ لاڀائتو بڻجي سگهن ٿا پر چونڊ سرگرمين کان ڪنارا ڪش بڻيل ٽالپور خاندان ڪنهن به پارٽيءَ جي اميدوار جي واضح حمايت ناهي ڪئي
خيرپور جي صوبائي تڪ 28 تي جي ڊي اي اميدوار اسماعيل شاهه راشديءَ جا 8 فيبروريءَ تي ستارا چمڪي پوڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن، سياسي بساط جي مهرن کي ڪارگر بڻائڻ لاءِ جي ڊي اي اميدوار ٺري ميرواهه تعلقي ۾ مضبوط سگهاري انداز سان چونڊ مهم هلائي آهي، جنهن ڪري پ پ اميدوار ساجد ٻانڀڻ لاءِ خطري جي گهنٽي وڄي چڪي آهي
صوبائي تڪ 29 تي پ پ اميدوار شيراز شوڪت راڄپر جنهن بابت اهو چيو پيو وڃي ته هُن ڪامياب ٿيڻ واسطي فرمائشي تڪبندي ڪرائي آهي سو شيراز شوڪت راڄپر طرفان پي ايس 29 تي ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ بعد جي ڊي اي اميدوار رفيق ٻانڀڻ جو مستقبل ڪجهه اونداهو نظر اچي پيو
قومي تڪ 203 تي جي ڊي اي اميدوار پير سيد صدرالدين شاهه راشدي ۽ پ پ اميدوار سيد فضل شاهه جيلاني وچ ۾ سخت مقابلو آهي، قومي تڪ 203 تي يقيني ڪاميابي ماڻڻ لاءِ جي ڊي اي اميدوار ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج جي دنگ واري علائقي ۾ ڪيمپ قائم ڪري چونڊ مهم جون سگهاريون سرگرميون ڏيکاريون آهن ۽ ورهين کان پ پ جي ڪيمپ ۾ موجود مختلف برادرين جي ماڻهن کي جي ڊي اي ۾ شامل ڪرايو آهي تنهنڪري هاڻي 2024 جي چونڊ دوران قومي تڪ 203 پ پ اميدوار لاءِ آسان نظر نه پيو اچي قومي تڪ 203 تي اپ سيٽ ٿيڻ جا چوٻول ماڻهن جي واتان عام آهن
خيرپور جي قومي تڪ 204 تي 2018 ۾ سوڀارو ٿيندڙ پ پ اميدوار سيد جاويد شاهه کي جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي طرفان گهڻا مونجهارا ۽ ڏکيائيون پيدا ڪيون ويون آهن، جي ڊي اي اميدوار طرفان ڪنگري، گمبٽ ۽ صوڀوديرو جي علائقن ۾ هلايل چونڊ مهم پ پ جي ڪيمپ ۾ مايوسي پکيڙي ڇڏي آهي جنهن ڪري پ پ اميدوار سيد جاويد شاهه بهتر انداز ۾ چونڊ مهم هلائڻ کان قاصر رهيو آهي
قومي تڪ 204 تي پڻ اپ سيٽ ٿيڻ جون ڳالهيون گردش هيٺ آهن، اهڙي طرح صوبائي تڪ 30 تي جي ڊي اميدوار خالد شيخ پ پ اميدوار نعيم کرل لاءِ ڏچو بڻيل آهي، ماضيءَ جي اختلافن سبب خالد شيخ چونڊ مهم دوران نعيم کرل کي 8 فيبروري تي مات ڏيڻ لاءِ هر قسم جا حربا هلائڻ ۾ وسان ڪين گهٽائي رهيو آهي جڏهن ته صوبائي تڪ 31 تي جي ڊي اي اميدوار راشد شاهه جي ڪاميابي جا چرچا عام ٿي رهيا آهن پر پ پ اميدوار بچل شاهه ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو آهي ته جي ڊي اي اميدوار سان سخت مقابلو ڪري سگهي