خيرپور: عورت پاران ٻن ٻارڙن کي زهر ڏئي، آپگهات جي ڪوشش
جُون 4, 2025
خيرپور(پنهنجي ڊيسڪ )خيرپور ۾عورت پاران مبينا گهرو تڪرار تان ٻن معصوم ٻارڙن کي زهر پيئارڻ بعد آپگهات جي ڪوشش ڪئي، ڳاڙهي پل واري علائقي ۾ ناري مجيده چانڊيو پنهنجي ٻن معصوم ٻارڙن 2 ورهين جي ڌيءَ زرينا ۽ ٽن ورهين جي پٽ سالار کي زهر ڏيڻ بعد پاڻ به زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، ناري مجيده چانڊيو، سندس 2 ورهين جي ڌيءَ زرينا ۽ ٽن ورهين جي پٽ سالار کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،ان موقعي تي ناري جي مڙس ڀاشا چانڊيو جو چوڻ هو ته گهرواري جو ذهني توازن درست ناهي ، جنهن ڪري هن ٻارڙن کي زهر پيئارڻ بعد پاڻ به زهر پي ڇڏيوآهي.