| خيرپور لڳ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٽائيگر ٽيم کٽي ورتو |
خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ وارث ڳنڀير ۾ سيد ڏاڏا شاهه جيلاني ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سيد اميد علي شاهه طرفان منعقد ڪرائي وئي. ٽورنامنٽ جو فائنل ٽائيگر ٽيم ۽ اسٽار ٽيمن وچ ۾ ٿيو. ٽائيگر پهرين بيٽنگ ڪندي 174 رنسون ٺاهيون. اسٽار ٽيم 124 رنسون ٺاهي سگهي اهڙي طرح ٽورنامنٽ جو فائيل ٽائيگر ٽيم پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان موقعي تي مهمانن پاران ونر ۽ رنر ٽيمن جي ڪپتانن ۽ رانديگرن کي روڪ انعام ۽ شيلڊون ڏنيون ويون. ان موقعي تي پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه، ڊي آءِ جي سيد پير محمد شاهه، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو، وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڊاڪٽر يوسف خشڪ، ايس پي موٽر وي خالد حسين مخدومي، خيرپور بار جو اڳوڻو صدر شفقت حسين مهيسر، سردار اعجاز خان ٻگهيو ۽ سيد امجد علي شاهه موجود هئا.