خيرپور مان شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

جُون 20, 2025

خيرپور (پنهنجي ڊيسڪ )خيرپور  جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نظاماڻي محلي ۾ جوابدارن طرفان انٽر جي شاگردياڻي سونهن لانگاهه کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان دوران  شاگردياڻي جي جي رڙين تي گهر ڀاتين ۽ محلي واسين ناريءَ کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، واقعي بعد شاگردياڻي سونهن لانگاهه صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته جوابدار دادن، مٺل جاگيراڻي، سليم ابڙو ۽ شرجيل ابڙو گهر ۾ داخل ٿي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دانهون ڪرڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا،هن چيو ته ساڳين جوابدارن 5 مهينا اڳ پڻ مون کي اغوا ڪيو هو ۽ دادن جاگيراڻي سان زبردستي شادي ڪرائي وئي بعد ۾ مون کي بازياب ڪرايو ويو، هن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته  اغوا جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري خاندان سميت تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت