| خيرپور ميراٿن ۾ ڪراچي جي ماهه نور شاهه جي پهرين، سائده واسڻ سوهانا بلوچ جي ٻي پوزيشن، انتظاميا حقدارن جو حق کاڌو: رانديگرياڻيون |
خيرپور: حسن افروز ميراٿن ريس ۾ ڪراچي جي سيد ماهه نور شاهه پهرين پوزيشن، سائده ڳوٺ محلي خيرپور جي سوهانا بلوچ ٻي پوزيشن جڏهن ته ٽين پوزيشن هانيا ماڻي. ٻئي طرف حسن افروز وومين ميراٿن ريس ۾ حصو وٺندڙ ڪيترين ئي شاگردياڻين نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي انتظاميه خلاف دانهيندي ٻڌايو ته ريس لاءِ هفتن جا هفتا محنت ڪئي، صبح شام پريڪٽس ڪئي، پر سراسر ناانصافي ڪئي وئي. شاگردياڻين الزام هنيو ته ريس جي ڏينهن انتظاميه ڪجهه من پسند ڇوڪرين کي موٽر سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين تي اڳواٽ ڪيترائي ڪلوميٽر گهمائي اڳتي آندو، جنهن سبب انهن جو اصل فاصلو گهٽ ٿيو ۽ بعد ۾ کين پوزيشنون ڏئي ٻين محنت ڪندڙ شاگردياڻين جو حق کسيو ويو. ٻئي طرف رانديگرياڻين جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پيغامن ۾ به انهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن. رانديگرياڻين جو چوڻ هو ته اهڙي ڌانڌلي نه رڳو ريس جي شفافيت تي سوال اٿاري ٿي پر باصلاحيت ڇوڪرين جي محنت جو پڻ مذاق اڏايو ويو آهي. شاگردياڻين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ حقدار مقابلي ڪندڙن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، جيئن ايندڙ ريسن ۾ اهڙي ناانصافي جو ورجاءُ نه ٿئي. انتظاميا ۽ ايم اين اي نفيسه شاهه سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.