خيرپور ميونسپل جي هڪ ارب، 7ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ پيش، اپوزيشن جو بائيڪاٽ، هنگامون

خيرپور ميونسپل جي هڪ ارب، 7ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ پيش، اپوزيشن جو بائيڪاٽ، هنگامون

خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) ميونسپل ڪاميٽي جي بجيٽ اجلاس دوران هنگامي صورتحال، اپوزيشن ليڊر جو بائيڪاٽ،ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي مالي سال 2026-27 جي بجيٽ اجلاس دوران هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي، جتي اپوزيشن ليڊر ۽ وارڊ نمبر 14 جي ڪائونسلر حاجي عبدالغني ڦلپوٽو بجيٽ جو بائيڪاٽ ڪندي اجلاس جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر حاجي يار محمد ڦلپوٽو هڪ ارب 7 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي بجيٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر حاجي عبدالغني ڦلپوٽو الزام هنيو ته ميونسپل ڪاميٽي ۾ صرف من پسند ڪائونسلرن جي وارڊن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٿا، جڏهن ته سندن وارڊ کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي.  هن وڌيڪ الزام لڳايو ته هر سال بجيٽ ۾ پنهنجا نوازي واري پاليسي اختيار ڪئي وڃي ٿي ۽ مخالف ڪائونسلرن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اربين رپين جي بجيٽ باوجود عوام لاءِ ڪو به نمايان فلاحي ڪم نٿو ٿئي ۽ ڪروڙين رپيا رڳو ڪاغذي ڪارروائين ۾ خرچ ڏيکاريا وڃن ٿا. ٻئي طرف بجيٽ اجلاس دوران ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو پنهنجي آفيس ٻاهران سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪري صحافين جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي. صحافي جڏهن بجيٽ اجلاس جي ڪوريج لاءِ ميونسپل آفيس پهتا ته کين اندر وڃڻ کان روڪيو ويو.