خيرپور (رپورٽر) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي، عدالت ملازمن کي ريگيولر
ڪرڻ لاءِ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي وحيد علي پاتو ۽ جنيد علي سميت 30 ملازمن ريگيولر ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڪيل غلام مجتبيٰ جکڙ معرفت
گذريل سال سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي. پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڄاڻايل ملازمن کي سال 2013-14 ۾ ڀرتي ڪيو ويو جن کي ريگيولر ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ارباب علي هڪڙو ۽ محمد اقبال ڪلهوڙو تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي
دوران ملازمن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي حڪم جاري ڪيو آهي ته ڄاڻايل ملازمن کي ريگيولر ڪيو وڃي