خيرپور: ناري ۽ نوجوان شادي نه ڪرائڻ تان 13 ڄڻن کي زهر ڏئي ماريو، گرفتار، ڏوهه جو اعتراف
آڪٽوبر 7, 2024
خيرپور/پيرجوڳوٺ (نمائندن وٽان) خيرپور ويجهو 10 گھر ڀاتين سميت 13 ڄڻن جي زهر سبب فوت ٿيڻ وارو معاملو، گهر ڌڻي جي نياڻي ۽ ڀائيٽي پاران شادي نه ڪرائڻ تان سڀني کي زهر ڏئي مارڻ جو انڪشاف، گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ڪيس داخل، رپورٽ موجب ڪچي جي ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ 10 گهر ڀاتين سميت 13 ڄڻن کي زهر ڏئي مارڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، سڀني کي نوجوان ۽ ناري پاران شادي نه ڪرائڻ تان زهر ڏئي مارن جو انڪشاف ٿيو آهي، برادي جتوئي پوليس مقتول گل بيگ بروهي جي ڌيءُ شائستا بروهي ۽ ڀائيٽي امير بخش بروهي کي گرفتار ڪري ورتو، پڇا ڳاڇا بعد گرفتار جوابدارن ڏوھ جو اعتراف ڪيو، ان ڏس ۾ ڊي ايس پي گمبٽ ملهير خان، برادي جتوئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او طالب حسين جوڻيجو ۽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او رضيه شر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گهر ڌڻي گل بروهي کان سندس ڀائيٽي امير بخش بروهي نياڻي شائستا بروهي جو سڱ گهريو، رشتو نه ملڻ تان ناري ۽ نوجوان ملي ڀڳت ڪري کاڌي ۾ زهر ملايو، جنهن سبب گل بيگ بروهي، سندس زال، پنج معصوم نياڻيون، 3 پٽ، جوابدار جو والد، سندس معصوم ڀاڻيجو ۽ پاڙيسري سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار نوجوان ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته شائستا ۽ مان شادي ڪرڻ چاهيون پيا رشتو گهرڻ تان شائشتا جي والد انڪار ڪيو.
گهر ڀاتين کي زهر ڏئي مارڻ جو فيصلو ٻنهي جو هو: شائستا بروهي
خيرپور: پوليس ٻڌايو ته جاچ دوران گرفتار ڪيل ناري شائستا بروهي ٻڌايو آهي ته زهر ڏيڻ جو فيصلو هنن ٻنهي جو هو، شائستا موجب بازار مان امير بخش بروهي زهر آڻي ڏنو هو، جيڪو اٽي ۽ کير ۾ ملائي ڇڏيو، جيڪو اٽو ۽ کير گهر ڀاتين واپرايو ته 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، هن ٻڌايو ته گهر ڀاتين کي زهر ڏيڻ جو فيصلو امير بخش ۽ منهنجو گڏيل هو، ڇو ته اسان ٻنهي کي رشت نه ڏيڻ تان سخت ڪاوڙ هئي اهو سمورو ڪم غصي ۾ اچي ڪيو، جنهن تي هاڻي تمام گهڻو پڇتاءُ آهي.