| خيرپور: نانگ ڪکيل عورت جي بهادري، نانگ سميت اسپتال پهتي |
خيرپور (رپورٽر) نانگ ڏنگڻ باوجود عورت همٿ نه هاري، نانگ کي پڪڙي اسپتال پهچي وئي، ڳوٺ شاهنواز خروس ۾ زينت خروس نالي عورت فصل مان گاهه ڪري رهي هئي ته اوچتو کيس نانگ ڏنگي وڌو، نانگ ڏنگڻ باوجود عورت همٿ ۽ حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي نانگ کي منڍيءَ کان پڪڙي ٿيلهي ۾ وجهي پاڻ سان گڏ اسپتال کڻي پهتي. عورت جو چوڻ هو ته نانگ کيس چڪ هنيو، جنهن بعد هن نانگ کي پڪڙي ٿيلهي ۾ وڌو ۽ علاج لاءِ اسپتال پهتي، جيئن ڊاڪٽر نانگ جي سڃاڻپ ڪري مناسب علاج ڪري سگهن. هوڏانهن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن نانگ ڏنگيل عورت کي طبي امداد فراهم ڪندي سندس علاج شروع ڪري ڇڏيو آهي.