خيرپور ناٿن شاهه ۾ ميجڪ شو دوران ڊانسرن تان جھيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي

خيرپور ناٿن شاهه ۾ ميجڪ شو دوران ڊانسرن تان جھيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي

خيرپورناٿن شاهه(رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه ۾ حضرت جڙيل شاهه جيلانيءَ جي هلندڙ ميلي ۾ ميجڪ شو دوران نرتڪين جي ڊانس شو ۾ نرتڪين تانجهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ سبب ميلي ۾ آيل ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جھيڙي دوران گولي لڳڻ سبب ميجڪ شو جو مالڪ گھوٽڪي واسي 40 ورهين جو منٺار علي مھر مارجي ويو، جڏهن ته اسلم مهيسر ۽ عبدالسميع پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيا. زخمي ۽ مقتول جو لاش تعلقي اسپتال آندا ويا، جڏهن ته هڪ زخمي اسلم مهيسر کي وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻي اسپتال رفر ڪيو ويو آهي، مقتول منٺار مھر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول منٺار مهر جون ٻه شاديون ٿيل هيون ٻه ڌئيرن ٻن پٽن جو اولاد اٿس، مقتول ميلن ۾ مختلف شو لڳائي ٻچن جو گذر سفر ڪندو هو، مقتول جو وڏو ڀاءُ ممتاز مهر ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ کي بي گناه شو ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو جيڪا ناانصافي آهي اسان پورهيت آهيون ميلا ڪندا آهيون اسين پردسي آهيون اسان جو گهر اجڙي ويو. فوري طور تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.   رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خيرپور ناٿن شاه قمرالدين تنيو ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو. جئين ئي مقتول جا وارث ايندا ڪيس داخل ڪيو ويندو ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن سان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهيون واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ميلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن، هوڏانهن خيرپورناٿن شاه پوليس ٻه ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن آخري اطلاع تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، هوڏانهن شو مالڪ جي مارجي وڃڻ کانپوء ميلو ڪيترائي مڪمل بند رهيو سج لٿي بعد ٻيهر ميلو شروع ڪيو ويو ميجڪ شو کان علاوه سمورا شو کلي ويا.