| خيرپور ناٿن شاهه ۾ 27هين ترميم، سنڌ ورهائڻ جي سازش خلاف ڌرڻو |
خيرپور ناٿن شاھه(ن پ ا) خيرپور ناٿن شاھ ۾ عوامي پورھيت تحريڪ جي سڏ تي عوام دشمن ڇھويھ ستاويھ ترميم بل، سنڌ ورهائڻ ، پاڻي چورائڻ، لا قانونيت، منشيات فروشي ، دھشتگردي بند ڪريو عنوان ھيٺ صوبائي صدر ايڊووڪيٽ جي اين کوسو، ڪامريڊ غلام رسول لغاري، ايوب جوڻيجو، ايڊووڪيٽ شاڪر علي ٻگھيو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ صائمه کوسو، ايڊووڪيٽ اعظم خاصخيلي، مظھر چانڊيو، عرفان مھيسر، پنھل کوسو، معشوق چانڊيو، احمد لغاري جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي سينٽر حال اڳيان احتجاج ڪري ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته زرداري مافيا سنڌ کي اوڏو ھي وانگر لڳل آھي سنڌو درياءَ مان ڇھ ڪئنال ڪڍي سنڌ جي سر سبز زمين کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ھنن وڌيڪ چيوته اڳ۾ ئي سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آھي ويتر سنڌوءَ مان ڇھ ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن ۽ سنڌ دشمن منصوبا ٺاهيا پيا وڃن ھنن چيوته ڇھويھ ستاويھ بل اسان کي ڪنھن به قيمت ۾ قبول ناهي ھنن چيو ته حڪمرانن سنڌ جي ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي سنڌ واسين کي ھاڻي سجاڳ ٿيڻ گھرجي انھن وڏيرن ڀوتارن جي اشارن تي ھلڻ نه گھرجي آھي ڀوتار وڏيرا بليڪ ميل ڪري رھيا آھن ھنن چيوته جيڪڏهن اھي فيصلا واپس ورتا نه ويندا ته اسين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوامي پورھيت تحريڪ جي پليٽ فارم تان احتجاج ۽ ڌرڻا جاري رکنداسين.