خيرپور ناٿن شاھ جو ميلو ـ خوشين کان خوني واقعن تائين….سڪندر  گلاب سومرو

                 ميلا  انساني سماج جي قديم ترين اجتماعي روايتن مان ھڪ آھن. ميلا رڳو وندر ۽ تفريح جا مرڪز ناھن ھوندا پر اھي سماجي، ثقافتي ۽ معاشي زندگيءَ جا اھم جزا ۽ عوامي ٻولين ۽ ثقافت جا محرڪ ۽ امين پڻ ھوندا آھن. ميلن جي جيڪڏھن تعريف تي سوچجي ٿو تہ معلوم ٿئي ٿو تہ، ”ميلا انساني ميل ميلاپ جا اھي وڻندڙ نظارا آھن، جيڪي ھڪ سال کانپوءِ ايندا آھن. ميلن ۾ جتي عام ۽ خاص ماڻھو روزمره جي ذاتي رنجشن، سماجي تڪليفن، معاشرتي فڪرن ۽ شخصي ذميوارين کان ڪجھ وقت جي لاءِ آجا ٿي، خوشين، رنگن ۽ سرورن جي دنيا ۾ داخل ٿيندا آھن، اتي اھي ٻارن جي وندر جا اھم مرڪز بہ ھوندا آھن.“ ڇا اسان سڀ ھن ڳالھ کان اڻڄاڻ آھيون تہ: سنڌ جي ڌرتي تہ خاص طور تي ميلن، عرسن ۽ ثقافتي ميڙن جي نہ صرف صدين کان امين رھي آھي پر حقيقت پسند ٿي تجزيو ڪجي ٿو تہ يقين سان ھي ڳالھ ڪري سگھجي ٿي تہ سنڌ ڌرتي جيڪڏھن مذھبي انتھاپسنديءَ سان جھيڙيندي رھي ٿي تہ ان جھيڙڻ ۾ ميلن جي اثرائتي ڪردار کان بہ منھن نٿو موڙي سگھجي. ميلن ۾ جتي محبت نظر اچي ٿي، جتي ڀائيچارو پروان چڙھي ٿو ۽ جتي رواداري جو پيغام عام ٿئي ٿو، اتي اھي ھڪ اھم ۽ انتھائي شڪل واري تفريح فراھم ڪندا آھن، جيڪا عام ڏينھن ۾ ممڪن ناھي ھوندي. پوءِ اھا ڪھڙي سوچ ۽ نيت آھي، جيڪا ميلن جي پويان ھٿ ڌوئي پئجي وئي آھي؟ ميلن جو عام ماڻھن جي زندگين تي گھرو اثر رھيو آھي ۽ گھرو اثر ٿئي ٿو. ميلا ھارين ۽ نارين، مزدورن، پورھيتن ۽ ڪاريگرن، استادن ۽ شاگردن، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن، وڏي ڳالھ تہ معصوم ٻارن ۽ ايتري تائين جو زندگي جي ھڙني شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻھن جي لاءِ ذھني سڪون ۽ در جي چائنٺ تي سستي تفريح  جو مکيہ ذريعو ھوندا آھن. ميلن لاءِ ٻار ھجن يا ٻڍا ـ نوان ڪپڙا پائيندا آھن، وڏا تفريحن ۽ مٺائين جا مزا وٺندا آھن تہ ٻار پنھنجي لاءِ رانديڪا خريد ڪري گھرن کي پر رونق پيا ڪندا آھن، کاڌن جي اسٽالن کان وٺي موسيقي ۽ سرود جون محفلون سجايون وينديون آھن، جيڪي انساني دل و دماغ کي سرن سان محظوظ ڪنديون رھنديون آھن. نوجوانن جي لاءِ نرتڪين جي ناچن جي اھميت ضرور ھجي ٿي. اھي ناچ مان لطف اندوز ٿين ٿا ۽ ڪجھ گھڙين جي لاءِ دنيا داري کان ھٽي ڪري جڏھن اھي ميلا گھمڻ اچن ٿا تہ موٽ ۾ گھڻو ڪجھ پرائي بہ وڃن ٿا. ڇاڪاڻ جو ميلن جو سڌو سنئون واسطو دلين ۾ خوشين کي برپا ڪرڻ سان ھوندو آھي. ميلا جتي لکين ميلائين جي لاءِ طرح طرح جي خوراڪن ۽ تفريح جو سامان پيا فراھم ڪندا آھن، اتي اھي ھزارين پرديسي ماڻھن جي لاءِ طرح طرح جي روزگارن جا موقعا پڻ مھيا ڪندا آھن؛ جھولن وارا، رانديڪا وڪڻندڙ، مٺائي ٺاهيندڙ، ڪرتب باز، سرڪس ۽ موت جي کوھن وارا ۽ راڳي ۽ فنڪار سڀ ميلن مان پنھنجو سٺو گذر سفر پيا ڪندا آھن. ان سان گڏ اسان کي ھن ڳالھ کي ڪڏھن بہ وسارڻ نہ گھرجي تہ ميلا جن جن علائقن ۾ لڳايا وڃن ٿا، اھي سڀ ان علائقي جي ٻولين ۽ ثقافتي ورثي جي بقا جو خاص ذريعو پڻ ھوندا آھن. ميلن جي سونھن ھوندي آھي: لوڪ راڳ، داستان گوئي، ڪرتب بازي، روايتي رانديون ۽ ڌمال. ھنن سڀني شين کي زندھ رکڻ ۽ تحرڪ ڏيڻ ۾ ميلا ئي آھن، جن کي اڄڪلھ نظر لڳي وئي آھي يا ڪا سازش آھي جيڪا ھنن کي ڦٽائڻ جي پويان آھي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ اسان جي نامناسب روين، عجيب غريب شوقن ۽ ڪڌن ڪردارن ميلن جي روحن کي زخمي ڪيو آھي. ميلا جھڙي طرح سان ماضي ۾ ٿيندا ھئا، موجوده ميلا انھن تي ذرو بہ پورو نٿا لھن. ثابت ٿو ٿئي تہ وقت سان گڏ ميلن ۾ جيڪڏھن ٽيڪنولاجي جي ڀرمار ۽ جديد انساني ۽ سماجي ترقين جي ڪري وڏو ڦيرو اچي ويو آھي، جو جيڪو ميلو ٽن ڏينھن جي ڌمال وارو ھوندو ھو، ساڳيو 20 ـ 20 ڏينھن جاري رھي ٿو. ھن ڊيگھ جي پويان ڪھڙي منشا ۽ منطق آھي پر سچائي ھي آھي تہ ميلا ڏينھون ڏينھن پنھنجي ڪشش ۽ ڇڪ وڃائي رھيا آھن. اسان جي شھرن جا ميلا جتي ماضي ۾ محبتن جا امين ھوندا ھئا، اڄ مايوسين، خوف ۽ بي يقيني جي علامت بڻجندا پيا وڃن، جنھن جو زندہ مثال خيرپور ناٿن شاھ وارو سخي سيد جڙيل شاھ جيلاني جو ميلو آھي، جنھن ۾، گذريل سال ڌمال واري محفل دوران جڏھن فائرنگ جو واقعو پيش آيو ۽ جنھن ۾ ٻہ ڳڀرو نوجوان پنھنجيون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا تہ ھن واقعي نہ رڳو ميلن جي ماحول کي سوڳوار ڪيو پر ساڳيي وقت متاثر خاندانن کي زندگي ڀر جو روڳ پڻ ڏئي ويو ۽ اھڙي طرح سان خيرپور ناٿن شاھ جو ھي ميلو ھاڻي پنھنجي سال واري انتظار کانپوءِ جيڪڏھن آيو آھي تہ اھو مزو، اھا رونق ۽ اھو ماحول نظر نٿو اچي، جيڪا ميلي جي اصل سونھن ۽ سڃاڻپ ھوندي آھي. ٻن نوجوانن جي زندگي وڃائڻ وارو اھو واقعو ميلي سان گڏ سڄي شھري سماج جي لاءِ بہ ھڪ وڏي صدمي طور ياد رکيو پيو وڃي.

اڃان شھري ۽ ميلي جا پانڌيئڙا ان حادثي جي ڏک مان نڪري ناھن سگهيا تہ ھن سال وري ساڳيي ميلي ۾ ھڪ ٻيو خوني واقعو پيش آيو آھي. ميجڪ شو دوران، نرتڪين جي ناچ وقت محض گانو نہ ھلائڻ جي معاملي تان لفظي جھيڙو وڌي فائرنگ ۾ تبديل ٿي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ميجڪ شو ھلائيندڙ گھوٽڪي واسي منٺار مھر حياتيءَ کان محروم ٿي ويو ۽ ٻہ ٻيا: اسلم مھيسر ۽ سميع پٺاڻ زخمي ٿي پيا. ٻنھي زخمين مان اسلم مھيسر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ھنن ٻن واقعن خيرپور ناٿن شاھ جي سخي سيد جڙيل شاھ واري ميلي جي سڄي تصور کي سوالن جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي. ھن قسم جي صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آھي، ڇاڪاڻ جو خيرپور ناٿن شاھ جو ھي ميلو گذريل اڍائي صدين کان لڳاتار لڳندو پيو اچي. ھي ميلو رڳو ھڪ تفريحي تقريب ناھي، پر تاريخ، عقيدت ۽ ثقافت سان ڳنڍيل شھر جو ھڪ وڏو ورثو بہ آھي. جيڪڏھن اھڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ جي لاءِ ضروري قدم نہ کنيا ويا تہ ھن امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي تہ سنڌ جو ھي پراڻو ميلو جيڪڏھن ھڪ ڀيرو پنھنجي اھميت وڃائي ويٺو تہ ماحول ھي جڙي سگھي ٿو تہ ھن ميلي کي ختم ڪيو وڃي ۽ ميلي واري پلاٽ کي رھائشي رٿائن واري زھر جي حوالي ڪيو وڃي. ضرورت ھن ڳالھ جي آھي تہ خيرپور ناٿن شاھ واري ھن ميلي سميت سنڌ جي سڀني ميلن جي سيڪيورٽي جي لاءِ مؤثر قدم کنيا. خيرپور ناٿن شاهه واري ميلي لاءِ به خاص طور تي پائيدار انتظام ڪيا وڃن تہ جيئن سنڌ جو ھي قديم ميلو پنھنجي پوري ڪشش، ڇڪ ۽ چاھ سان ھر سال لڳندو رھي ۽ شھرين سان گڏ پوري سنڌ جي عوام کي سستي تفريح پھچائيندو رھي. اسان جو ثقافت کاتو، ضلعي انتظاميا ۽ شھري حڪومت کي گھرجي تہ سيڪيورٽيءَ جي صورتحال کي يقيني بڻائي. غيرقانوني هٿيارن تي پابندي لڳائي ۽ اھڙن نوجوانن تي سخت نظر رکي، جيڪي ميلن ۾ سرعام ھٿيار جي نمائش بہ ڪن ٿا ۽ پنھنجي معمولي ۽ نامناسب خواھش جي پورائي جي لاءِ ڪنھنجي جان وٺڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن. ميلا امن، محبت، ۽ خوشين جا مرڪز ھجن ٿا. اھڙا مرڪزـ جتي ڪنھن جو رت نہ وهي، پر راڳ گونجي؛ جتي گوليون نہ ھلن، پر ٽھڪ ٻڌجن ۽ جتي خوف نہ پر آزادي سان گھمي ڦري سگھجي, بلڪل ائين جيئن ماڻهو ماضي جي ميلن مان لطف اندوز ٿيندا هئا ۽ تڏھن ئي اسان پنھنجي ايندڙ نسلن کي سنڌ جو ھي اھم ثقافتي ورثو سلامت صورت ۾ ڏئي سگھون ٿا.