خيرپور:هٿياربندن هٿان زخمي شاگرد زندگي جي جنگ هارائي ويٺو
مَي 18, 2023
خيرپور( رپورٽر)خيرپور ۾ هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل ايل ايل بي جو شاگرد جاويد ڦلپوٽو فوت ٿي ويو آهي.
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 8 ڏينهن اڳ فيض آباد ڪالوني وٽ ھٿيار بندن پاران گوليون هڻي زخمي ڪيل ايل ايل بي فائينل جو شاگرد جاويد احمد پٽ رستم علي ڦلپوٽو زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو
جاويد احمد جي مائٽن جو چوڻ آهي ته اٺ ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ھڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جاويد جا قاتل فوري گرفتار ڪيا وڃن.