خيرپور واسي گم ڄاڻايل نوجوان جو ميهڙ مان لاش هٿ

جُولاءِ 20, 2023

ميهڙ (رپورٽر) خيرپور مان گم ٿي ويل نوجوان ميھڙ باءِ پاس ڀرسان بيھوشي جي حالت ۾ مليو ۽ تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ فوت ٿي ويو

فوتي شخص جي سڃاڻپ خيرپور ميرس جو رھواسي 35 ورھين جو امداد علي طور ٿي آھي، اطلاع تي ڀاءُ بشير احمد سم ميھڙ پھچي نوجوان جو لاش وصول ڪيو

ميھڙ پوليس موجب ميھڙ انڊس ھاءِ وي ڪوچ اسٽاپ وٽ ميھڙ باءِ پاس ڀرسان بيھوشي واري حالت ۾ نوجوان پيل ھجڻ جو اطلاع مليو جنھن کي اسپتال پھچايو جتي ھو فوت ٿي ويو، کيسي مان ڪارڊ ۽ نمبر ملڻ تي وارثن کي اطلاع ڪيو

فوتي نوجوان جي ڀاءُ بشير احمد چيو ته منھنجو ڀاءُ گذريل ڇنڇر کان گم ھيو سندس ڳولا لاءِ نڪتل ھياسين ته اڄ ميھڙ مان ڀاءُ جو لاش مليو آهي، ڪنهن سان دشمني ناهي

تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽرن موجب فوتي جي جسم تي ڌڪ يا تشدد جو ڪو به زخم جو نشان نظر نه آيو آھي، وارث بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کڻائي ويا

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت