خيرپور: وڌيڪ هڪ زخمي فوت، انگ 4 ٿي ويو
جُون 24, 2025
خيرپور (پنهنجي ڊيسڪ) خيرپور ۾ گذريل ڏينهن جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ياسين جاگيراڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتين جو انگ 4 ٿي ويو، جاگيراڻي برادري جي ماڻهن طرفان هڪ لاش دفنايو ويو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي عدم گرفتاري خلاف ٽن فوتين جا لاش شاهه حسين باءِ پاس وٽ رکي ٻيهر ڌرڻو هنيو ويو آهي
ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي جنهن سبب گاڏين ۾ سوار مسافر سخت گرمي سبب ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن
ان موقعي تي مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن برادري جي مخالفن فائرنگ ڪري اسان جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو هو جيڪو پڻ رات دير سان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو
هنن چيو ته پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو نه ڪيس داخل پئي ڪري نه وري جوابدارن کي گرفتار پئي ڪري
هنن چيو ته پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ٻي صورت ۾ جوابدارن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو.