| خيرپور ٽيچنگ اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو غيرحاضر، ڪارروائي جو حڪم |
خيرپور (رپورٽر) ٽيچنگ سول اسپتال جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد ڦلپوٽو ڪاليج جي وائيس پرنسپل ڊاڪٽر مختيار احمد لاکو، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر رفيق احمد منگي ۽ ٻين سان گڏجي سول اسپتال خيرپور جو دورو ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد ڦلپوٽو دوري دوران ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي حاضري رجسٽرن جي چڪاس ڪئي، جنهن دوران ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ عملي جا ميمبر ڊيوٽي تان غير حاضر مليا. ان موقعي تي پروفيسر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي غير حاضر رهندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. دوري دوران آءِ سي يو وارڊ جي حالت جو خاص جائزو ورتو ويو، جتي چيئرمين پاران آءِ سي يو کي جديد سهولتن سان اپگريڊ ڪرڻ لاءِ خاص هدايتون ڏنيون ويون.