خيرپور (رپورٽر) ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي پوليس تي هاءِ ڪورٽ جي وڪيل غلام مصطفيٰ شيخ کي پيرسن والد نذير احمد شيخ سميت کنڀڻ جو الزام،
پيرسن امڙ مسمات آمنه زال نذير احمد شيخ طرفان ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايچ او، پيرڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايچ او، تعلقه روهڙي جي ڳوٺ دبر جي بااثرن خلاف سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت ٻاهران وڪيل جي والده مسمات آمنه شيخ صحافين کي ٻڌايو ته
5 جون تي پيرڳوٺ کان واپسي تي ٻن ڪارن ۾ سوار پوليس ورديون پهريل جوابدارن سندن گاڏي روڪي وڪيل غلام مصطفيٰ شيخ ۽ سندس پيرسن والد نذير احمد شيخ کي تشدد جو نشانو بڻائي پاڻ سان گڏ اڻڄاتل هنڌ وٺي ويا.
هن چيو ته چار لک رپيا وٺي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايچ او رفيق احمد سومرو پيرسن نظير احمد شيخ کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته وڪيل غلام مصطفيٰ شيخ جي بازيابي لاءِ 10 لک رپيا ڀنگ گهري رهيا آهن.
هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته پٽ کي بازياب ڪرائي ڪرپٽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.