| خيرپور پوليس جي ڊرون ۾ 2 ڄڻا مارجڻ وارو واقعو: ذميوارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي نه ٿي |
خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ سعيد خان لاکو ۾ ڪنڌرا ۽ خيرپور پوليس جي مبينا ڊرون حملي ۾ مارجي ويل ضامن علي ۽ صدرالدين ڌاريجو جي واقعي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، پوليس 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ڌاريجا برادري جي سردار محمد تقي ڌاريجو ايس ايس پي خيرپور وٽان 24 ڪلاڪن جو وقت ورتو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي گهوٽڪي کي انڪوائري لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اڄ ڳوٺ سعيد خان لاکو پهچي واقعي جي جاچ ڪندو.