خيرپور: ڀتو نه ملڻ تان کجين جا وڻ وڍجي ويا

جُون 22, 2025

خيرپور ( پنهنجي ڊيسڪ ) خيرپور ۾  ڀتو نه ڏين تان ڌاڙيلن جا سهولتڪار آبادگارن جا هزارين کجين جا وڻ وڍي ويا، آبادگارن جون دانهون،خيرپور  جي شاهه حسين ٿاڻي جي حد کيدو ڳوٺ جي رهواسي ڳوٺاڻن طرفان ڌاڙيلن جي سهولتڪارن طرفان کجين جا وڻ وڍڻ خلاف پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي شمس الدين چنا، اعجاز علي، محمد حنيف، عبدالرشيد، غلام مرتضي چنا ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بدنام ڌاڙيل عطاءُ الله عرف عطو ناريجو فون ڪال سميت وائيس ميسجن ذريعي مسلسل ڪيترن ئي مهينن کان لکين رپيا ڀتو طلب ڪري رهيو آهي، هنن الزام لڳايو ته ڀتو نه ڏيڻ تا ڌاڙيل عطو ناريجو جي سهولتڪارن  ابراهيم، سراج، بابر، نديم، قادر بخش، محمد يونس چنا گذريل رات انبن ۽ کجين جا هزارين وڻ وڍي لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي، هنن چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڀتا خور مافيا جو آزار وڌي ويو آهي جن اسان آبادگارن جو جيئن جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس ڌاڙيل مافيا خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري جنهن ڪري اسين عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهيون، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ڀتا خور ڌاڙيلن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ڪاروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪرايو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري