خيرپور ڀرسان نوجوان پراسرار نموني فوت، تشدد ۽ بليڪ ميلنگ الزام

خيرپور ڀرسان نوجوان پراسرار نموني فوت، تشدد ۽ بليڪ ميلنگ الزام

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ موسا خان جانوري جو رهواسي نوجوان علي گل جانوري جوابدارن جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سندس وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوان علي گل جانوري کي جوابدار بليڪ ميل ڪندو هو ٻه ڏينهن اڳ جوابدار اسان جي نوجوان علي گل کي گهران وٺي ويو، جنهن بعد علي گل مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو. هنن چيو ته نوجوان علي گل کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال  فوت ۾ ٿي ويو. وارثن ٻڌايو ته علي گل جانوري بااثر کان وياج تي ڪجهه پئسا ورتا هئا اسان کي خبر نه آهي ته ڪيترا پئسا ورتا هئا جن جي واپسيءَ لاءِ هو کيس مسلسل ڌمڪيون ڏيندو هو. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار راجا سومرو ۽ ٻين ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.