خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جون ڪارروائيون: ڌاڙيلن جي سهولتڪاري ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ ملوث 3 ڄڻا گرفتار

سيپٽمبر 28, 2023

گهوٽڪي/خيرپور(رپورٽرز) خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس ڌاڙيلن جي سهولتڪاري ۽ هٿيار فراهمي ۾ ملوث 3 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن

تفصيل موجب رينجرز ۽ پوليس انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڪارروائيون ڪيون،  ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي سهولتڪاري ۽ کين هٿيارن جي فراهمي ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا

رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندڙ ٽن جوابدارن نورل شاهاڻي عرف نورو، علي گوهر چاچڙ ۽ اڪبر چاچڙ کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن وٽان 2 پسٽل، 2 ايس ايم جي، هڪ ايم سڪس ون اَي گن ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا

ترجمان موجب جوابدارن وٽان ساڍا 5 لک روپيا، پوليس جون ورديون ۽ گاڏيون به هٿ ڪيون ويون، حراست ۾ ورتل جوابدارن کي قانوني ڪارروائي جي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو

 رينجرز جي ترجمان پاران ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن کي سوگهو ڪرڻ لاءِ عوام کي سهڪار ڪرڻ جي پڻ اپيل ڪئي وئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول