ٻن هفتن ۾ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا: عمران خان

مَي 16, 2023

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته ٻن هفتن اندر سمورا معاملا ٺيڪ ٿي ويندا. زمان پارڪ ۾ ٽڪيٽ هولڊرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي کي ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هي جيڪو وڻين سو ڪن تحريڪ انصف خلاف سازش ڪامياب نه ٿيندي. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف پاران پنجاب ۾ عوامي پاور شو جو فيصلو ڪندي 18 مئي تي مريدڪي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کي عمران خان به خطاب ڪندو. ان موقعي تي عمران خان گوجرانوالا جي ٽڪيٽ هولڊرز کي اهم ٽاڪس ڏيندي کين گرفتاري کان بچڻ جون به هدايتون ڪيون

Leave A Comment