| خيرپور ۾گھر کي باهه: ماءُ معصوم ڌيءُ سميت سڙي فوت |
خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ريلوي اسٽيشن ڀرسان بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي، جنهن سبب عورت معصوم ڌيءَ سميت سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته گھر جو الھه تلھه به سڙي رک ٿي ويو. ان ڏس ۾ ريلوي اسٽيشن ڀرسان بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي. باھ لڳڻ سبب 4 ورهين جي معصوم نينگري شريفان ۽ سندس امڙ مسمات سميرا سميت سڙي فوت ٿي وئي. سڙي فوت ٿيلن جي لاشن کي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. ٻُڌايو پيو وڃي ته باھ لڳڻ شرط ئي فائر برگيڊ عملي کي بروقت اطلاع ڏنو پر وقت تي نه پھچڻ ڪري گهڻو نقصان ٿي ويو.