| خيرپور ۾ آرمي چيف هاڪي چيمپئن شپ شروع، پهرئين ڏينهن 3 مقابلا |
خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن خيرپور جي اهتمام هيٺ بخت علي ڏھوٽ هاڪي اسٽيڊيم لقمان ۾ ٽين چيف آف آرمي اسٽاف انٽر ڪلب ڊسٽرڪٽ هاڪي چيمپيئن شپ شروع ٿي وئي. خيرپور جا 6 هاڪي ڪلب حصو وٺي رهيا آهن، جن ۾ سٽي هاڪي ڪلب خيرپور، ڪنگري هاڪي ڪلب خيرپور، ينگ هاڪي ڪلب خيرپور، ڊائمنڊ هاڪي ڪلب خيرپور، مهراڻ هاڪي ڪلب خيرپور ۽ ينگ اسپورٽس هاڪي ڪلب خيرپور شامل آهن. افتتاحي ميچ ۾ سٽي هاڪي ڪلب خيرپور ۽ ڪنگري هاڪي ڪلب خيرپور آمهون سامهون آيا. سخت مقابلي کان پوءِ ڪنگري هاڪي ڪلب خيرپور 1-0 سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ميچ جو واحد گول مهدي رضا ڪيو. ٻي ميچ ڊائمنڊ هاڪي ڪلب خيرپور ۽ ينگ هاڪي ڪلب خيرپور وچ ۾ ٿي جيڪو سخت ۽ دلچسپ مقابلي کان پوءِ ڊائمنڊ هاڪي ڪلب خيرپور 2-1 پنهنجي نالي ڪيو. ڊائمنڊ هاڪي ڪلب طرفان لياقت علي ۽ مدثر علي ۽ ينگ هاڪي ڪلب طرفان انعام وحيد چنا گول ڪيا. ٽين ميچ مهراڻ هاڪي ڪلب خيرپور ۽ ينگ اسپورٽس هاڪي ڪلب خيرپور ۾ کيڏي وئي، مهراڻ 2-0 سان فتح حاصل ڪئي. مصعب علي ۽ علي رضا ميمڻ هڪ هڪ گول ڪيو. ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن خيرپور جي آرگنائيزنگ سيڪريٽري عرفان علي سميت غلام مرتضيٰ، غلام مصطفيٰ، علي رضا، علي سفيان، مصعب علي، ڪامران علي، منهال حسين ۽ هاڪي جا شوقين وڏي انگ ۾ موجود هئا.