خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

خيرپور ۾ آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي طرفان نوڪرين لاءِ ريلي

خيرپور(رپورٽر) فوتي ڪوٽا بحال نه ٿيڻ خلاف آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي ضلعي خيرپور پاران سيڪشن ڪورٽ روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين ڪامريڊ شهباز ڦلپوٽو، ڄام وقار ميمڻ، مهتاب چاچڙ، سجاد سمنگ، فراز سولنگي، بلاول سومرو، مشتاق گوپانگ، صبحان وساڻ ۽ ٻين چيو ته فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن.
 

خيرپور ۾ ڪارروائي، 2 مهينا اڳ فنڪارا کان ڦر ٿيل رقم هٿ
 

خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس ڪارروائي ڪري 2 مهينا اڳ فنڪارا کان ڦر ٿيل رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس  موجب ڪارروائي دوران فنڪارا ثنا سنڌو کان ڦريل روڪ رقم هڪ لک رپيا هٿ ڪري رقم فنڪارا حوالي ڪري ڇڏي آهي.
 

ڳڙهي حسن ۾ معصوم ٻارڙو ارڙي وگهي فوت، ڪيترائي ٻار بيمار
 

ڳڙھي حسن (ن پ ا) ڳڙهي حسن جي ڳوٺ مدد علي ڊومڪي ۾ 7 ورھين جو معصوم ٻارڙو توفيق احمد ڊومڪي ولد فدا حسين ڊومڪي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته  ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا آهن، جن جو علاج نه ٿي سگهيو آهي.
 

کپري ۾ نامور شاعر ۽ استاد جمن ڪنڀر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو
 

کپرو (ن پ ا) کپري ۾ استاد ادبي فورم پاران گرھوڙي پبلڪ لائبريري  ۾ نامور شاعر ۽ استاد جمن ڪنڀر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. جنھن ۾ علمي ادبي شخصيتن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ناليواري اديب استاد لغاري. محمد جمن گجو. استاد امام بخش منڱريو. “ولي محمد سروري”. تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ارباب علي سميجو ء غلام شبير ھنڱورجو، پ ٽ الف اڳواڻ پير بخش راڄڙ.گووندرام ڌيراڻي. ممتاز بوزدار. ذاڪر شر. امر سنڌو مري. استاد ڄام خان ھنگورجو. سليم شر. مير حسن مري مرحوم جي وڏي پٽ منصور ڪنڀر. ء ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مرحوم بھترين استاد ھئڻ کان علاوه بھترين سماجي ڪارڪن.شاعر .اديب ڪمپيئر. محقق سميت مختلف خاصيتن جو مالڪ ھو اسڪول م ثقافتي پروگرام ڪرائڻ. شاگردن م تقريرن جا مقابلا ڪرائڻ ھر سماجي ء ثقافتي تقريب م خاص حصو وٺڻ ھوندو. مفت طبي ڪيمپ لڳائڻ. غريب مسڪين شاگردن لاء جتين. ڪپڙن ء ڪتابن جو بندوبست لاء جستجو ڪرڻ ڀٽائي جي شاعري پڙھائڻ سندس خاص مشن ھوندو ھو.
 

شادي لارج جو ھاري اڳواڻ غلام حسين وھنداڻي لاڏاڻو ڪري ويو
 

شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج جو ناميارو ھاري اڳواڻ ڳوٺ لالو وھنداڻي جو معزز غلام حسين وھنداڻي لاڏاڻو ڪري ويو۔شادي لارج ۾ اتم کيتي جي حوالي سان زراعت جو ڄاڻو ناليوارو ھاري اڳواڻ جي  جنازه نماز ۽ تدفين ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ھارين آبادگارن پورھيتن علائقي واسين پاڙي وارن وھنداڻي برادري سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي تعزيت لاءِ تڏو ڪاجھر ۾ سندن ڳوٺ لالو وھنداڻي ۾ وڇايو ويو آھي۔
 

ٻانڌي ويجھو ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪندي نوجوان ٽرين هيٺان اچي فوت
 

ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ويجھو ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪندي نوجوان ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ درمحمد جمالي اوپن ڦاٽڪ ڪراس ڪندي ڪراچي کان لاھور ويندڙ ٽرين جي ٽڪر ۾ ڳوٺ عبدالرزاق جمالي واسي موٽرسائيڪل سوار محمد عثمان جمالي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ ت ٻانڌي پوليس حادثي واري جاء تي پھچي لاش ايمبولنس ذريعي ٻانڌي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو  افسوس ته گذريل ھڪ ھفتي ۾ رد محمد کليل ڦاثڪ سبب ٽي انساني جانيون ٽرين حادثي ۾اجل جو شڪار ٿي ويون.
 

بٺوري ۾ ٽئنڪر ٽڪر ۾ نينگري فوت، گهر ۾ ڪهرام، ڊرائيور گرفتار
 

ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو لڳ باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار ٽئنڪر جي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ دلشاد زئور جي رهواسي 7 سالن جي معصوم نينگري مهر علي ڌيءَ حاڪم علي پارابي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، مڙھ 1122 ايمبولينس جي ذريعي سول اسپتال ميرپوربٺورو پھچايو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، حادثي ۾ فوت ٿيل نينگريءَ جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، آسپاس جو ماحول پڻ سوڳوار ٿي ويو، جڏھن ته ٻئي طرف ميرپوربٺورو پوليس حادثي واري ھنڌ تي پھچي ٽينڪر جي ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
 

ٽنڊي آدم ۾ ڪائونسلرز کي ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ ڏيڻ جو اعلان
 

ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ هر ڪائونسلر کي ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾  ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو آدم جي چيئرمين غلام مرتضيٰ جوڻيجو چيو آهي ته پ پ پ جي حڪومت عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه پاران شهر جي ترقي، بهتري ۽ خوبصورتي لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظھار هن پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن صدر راڻا مختار راجپوت، رازق ڏنو ميريپوٽو، عاشق ساند، سليمان ساند ۽ ٻين تي مشتمل وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ھن چيو ته شهرين کي بهتر ۽ معياري بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رھيا آھيون. شهر جي ترقي ۽ عوام کي بھتر سهولتون فراھم ڪرڻ پهرين اوليت آهي. گذريل سال هر ڪائونسلر کي پنهنجي وارڊن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 50 لک روپيا جاري ڪيا ويا ھئا جيڪي هن مالي سال ۾ وڌائي هڪ ڪروڙ روپيا ڪيا ويا آهن ته جيئن ڪائونسلر پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ وڌيڪ ترقياتي ڪم مڪمل ڪرائي سگهن. ھن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي به شهر جي صفائي، ترقي ۽ خوبصورتي لاءِ ميونسپل انتظاميه سان سھڪار ڪن ۽ سرڪاري ملڪيتن جي حفاظت ڪن.