خيرپور ۾ امتياز علي جماڻي هاڪي ليگ شروع: افتتاحي ميچ رائزنگ فالڪنز کٽي ورتي

خيرپور ۾ امتياز علي جماڻي هاڪي ليگ شروع: افتتاحي ميچ رائزنگ فالڪنز کٽي ورتي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ امتياز علي جماڻي هاڪي ليگ جي افتتاحي ميچ رائزنگ فالڪنز کٽي ورتي.  ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن خيرپور جي اهتمام هيٺ بخت علي ڏهوٽ هاڪي اسٽيڊيم ۾ امتياز علي جماڻي اي سائيڊ 5 هاڪي ليگ شروع ٿي وئي. افتتاحي ميچ مهران مينٽورز ۽ رائزنگ فالڪنز وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، رائزنگ فالڪنز 1-2 تان ڪاميابي ماڻي. ٻي ميچ ۾ ايليٽ ٽائٽنز ۽ اسٽارم اسٽرائڪرز وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جتي ايليٽ ٽائٽنز 2 جي مقابلي ۾ 3 گول ڪري فتح پنهنجي نالي ڪئي. ان کان اڳ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن خيرپور عرفان علي ڏهوٽ جي نگراني هيٺ ٿي، جنهن ۾ هاڪي سان لاڳاپيل شخصيتن، رانديگرن، راندين جي شوقينن ۽ معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب جو خاص مهمان جنرل ڪائونسلر حاجي سليم احمد ڦلپوٽو هو، جڏهن ته پ پ سٽي خيرپور جي سينيئر نائب صدر عنايت علي ڏهوٽ، جنرل ڪائونسلر محمد منصور علي، مرحوم امتياز علي جماڻي جي فرزند رحمان رضا جماڻي، غلام مرتضيٰ، ساجد جمالي ۽ غلام جعفر ڪانهر پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ سڀني ٽيمن جي ڪپتانن راندين جي قانونن تي عمل ڪرڻ، اسپورٽس مين اسپرٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ جو حلف کنيو. ڪپتانن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو راند دوران نظم ۽ ضبط برقرار رکندي هاڪي جي مثبت سڃاڻپ کي وڌيڪ اجاگر ڪندا. ميچن جي نگراني انٽرنيشنل ايمپائر ڪشمالا بتول ۽ غلام مصطفيٰ ڪئي. حلف برداري تقريب ۾ انڊس اسٽرائڪرز جي ڪپتان معصب علي لانگاهه، رائزنگ فالڪنز جي ڪپتان علي سفيان، ايليٽ ٽائٽنز جي ڪپتان احمد مغيره، مهران مينٽورز جي ڪپتان علي رضا لاشاري ۽ اسٽارم اسٽرائڪرز جي ڪپتان علي رضا ميمڻ شرڪت ڪندي ايونٽ جي ڪاميابي لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو.