خيرپور ۾ انٽر اسڪول هاڪي ٽورنامينٽ اسلاميه اسڪول کٽي ورتو

خيرپور ۾ انٽر اسڪول هاڪي ٽورنامينٽ اسلاميه اسڪول کٽي ورتو

خيرپور(رپورٽر) بخت علي ڏھوٽ انٽر اسڪول هاڪي ٽورنامينٽ جو فائنل اسلاميه ڪو ايجوڪيشنل اسڪول کٽي ورتو. فائنل بحريه فائونڊيشن اسڪول خيرپور ۽ اسلاميه ڪو ايجوڪيشنل اسڪول لقمان خيرپور وچ ۾ کيڏيو ويو. اسلاميه اسڪول شاندار راند جو مظاهرو ڪندي مقابلو 4-3 گولن تان کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي. فائنل ميچ جو مهمانِ خاص سپلا خيرپور جو صدر فدا حسين مهيسر، اعزازي مهمان پروفيسر نجم الحسن،غلام مرتضيٰ ڏھوٽ، عرفان علي ۽ ٻيا هئا. آخر ۾ مهمانِ خاص ڪامياب ٽيمن ۽ نمايان رانديگرن ۾ ٽرافيون، ميڊلز ۽ انعام ورهايا.