خيرپور ۾ باهه ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ 2 ڄڻا فوت
مَي 17, 2023
خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ ميرن جي ڏيڍي واري علائقي ۾ جنريٽر مان باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي ويلن مان هڪ معصوم نينگري ۽ عورت زخمن جا سور نه سهندي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ چار ٿي ويو 2 ڏينهن اڳ باهه لڳڻ سبب مسمات نائلا، مسمات امبرين،معصوم نينگري انشا، آيت، احمد ۽ ايمن سميت 9 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا هئا جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو جن مان ٻه ڏينهن اڳ معصوم نينگر احمد ۽ نينگري آيت فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته معصوم نينگري انشا ڌيءَ نعمان شيخ ۽ مسمات امبرين به اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو آهي سانحي تي تي علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي